Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

مڪاني نظام ۽ شهري حڪومتون جمهوريت جي روح ۽ نرسري هونديون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


مڪاني نظام ۽ شهري حڪومتون جمهوريت جي روح ۽ نرسري هونديون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 9/22/2015
مڪاني نظام ۽ شهري حڪومتون جمهوريت جي روح ۽ نرسري هونديون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
جنهن ملڪ ۾ لوڪل گورنمينٽ جو سسٽم نه هجي ته ان ملڪ کي جمهوري قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي
اصل سياست اها هوندي آهي جيڪا پنهنجن مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وڃي
مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي مختلف تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب
لنڊن: 22 سيپٽمبر 2015
 متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مڪاني اليڪشن جو نظام ۽ شهري حڪومتون جهموريت جي روح ۽ نرسري هونديون آهن. جنهن ملڪ ۾ لوڪل گورنمينٽ جو سسٽم نه هجي ته ان ملڪ کي جمهوري قرار ڏيئي نه ٿو سگهجي. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ مختلف تنظيمي شعبن جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هر ملڪ جي حڪومتي نظام ۾ ملڪ جي بهتري، ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي جي لاءِ ٻن طرحن جا منصوبا يعني گهٽ مدي وارو ۽ ڊگهي مدي وارو بڻايا وڃن ٿا. پوري دنيا ۾ پاڻي جي فراهمي، ڪني پاڻي جو نيڪر، سيوريج، روڊَ، پلون، فلائي اوور ۽ برجون بڻائڻ، نالن جي تعمير ۽ مرمت ۽ اهڙي طرح جا ٻيا منصوبا ڪنهن به ملڪ جي مرڪزي حڪومت يا پارليامينٽ نه ٿيون ٺاهين بلڪه هر ملڪ جون مقامي حڪومتون يا شهري حڪومتون اهي ڪم ڪنديون آهن ۽ ان جي لاءِ پورو مڪاني نظام موجود هوندو آهي ۽ هر ملڪ ۾ شهري سهولتن جي فراهمي ، ٽرانسپورٽ ۽ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ شهرن ۽ ٻهراڙي جي سطح تي اهي ئي شهري حڪومتون اصل ڪم ڪن ٿيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته گڊ گورننس يا سٺي حڪمراني جي لاءِ مقامي حڪومتن جو نظام بنيادي ڳالھ آهي. اهو جمهوري نظام جي نرسري آهي. مقامي حڪومتن جي نظام کان سواءِ ملڪ نه هلندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ مستقل بنيادن تي مڪاني نظام موجود نه آهي ته اهڙو ملڪ ترقي ڪري نه ٿو ڪري سگهي. بلڪه اهو پٺتي وڃي ٿو. انهن فرمايو ته هر ملڪ ۾ ترقي جي لاءِ 25 سالن جو يا 50 سالن جو ڊگهو منصوبو بڻايو وڃي ٿو. جن تي حڪومتن جي تبديلي جي باوجود به ڪم جاري رهي ٿو. انهن مثال ڏيندي فرمايو ته انگريزن ننڍي کنڍ تي قبضي کان پوءِ پوري علائقي ۾ ريلوي جو نظام متعارف ڪرايو، ريلوي لائينن جو ڄار وڇايو، اڄ به هندستان ۽ پاڪستان ۾ موجود ريلوي جو نظام انگريزن جو تشڪيل ڏنل آهي. ڪراچي کان پشاور ۽ پري پري وارن علائقن ۾ به وڇايو ويو ۽ ان ۾ ڪيترن ئي سالن جو وقت لڳو. بدقسمتي سان پاڪستان جي قيام کان پوءِ هتي وجود ۾ ايندڙ حڪومتن ان نظام جي بهتري ۽ ان کي وڌيڪ ڦيلائڻ جي لاءِ ڪا به موثر منصوبه بندي نه ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڏهن سالن کان مڪاني اليڪشن نه ٿيا آهن. ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته  پاڪستان کي ترقي جي راھ تي گامزن ڪرڻ، سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ترقي، عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ۽ انهن کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ مڪاني نظام ۽ مڪاني حڪومتن جي نظام کي رائج ڪري ان کي ڪنهن به رڪاوٽ کان سواءِ جاري رکيو وڃي. جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي ۽ سمورن ذميوارن کي چيو ته اهي مڪاني اليڪشن جي لاءِ اميدوارن جي چونڊ پسند يا ناپسند، دوستي ۽ مٽي مائٽي جي بنياد تي نه بلڪه ميرٽ ۽ قابليت جي بنياد تي ڪن. انهن فرمايو ته جن اميدوارن جي چونڊ ٿي آهي انهن کي گهرجي ته اهي پنهنجن ذاتي مفادن ۽ انا جي تسڪين جي لاءِ ڪائونسلر، ناظم، نائب ناظم، ميئر ۽ ڊپٽي ميئر بڻجڻ جو تصور پنهنجن ذهنن ۾ نه آڻين. اوهان جي پهرين ترجيح عوام جي بنيادي مسئلن جو حل  هجي. اوهان جي علائقن ۾ موجود اسڪولن ۽ اسپتالن جو معيار مثالي هجي ته جيئن ماڻهو وڏن اسپتالن ۽ اسڪولن جو رخ ڪرڻ ڇڏي ڏين. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان شاگردي جي سطح تي جڏهن پنهنجي تحريڪ جو آغاز ڪيو هو ته ان سان گڏ ئي “خدمت خلق ڪميٽي” جي نالي سان هڪ فلاحي  ادارو به قائم ڪيو هو. ڇو ته اسان ان ڳالھ تي يقين رکون ٿا ته اصل سياست اها هوندي آهي جيڪا پنهنجن مفادن جي لاءِ نه بلڪه عوام جي بغير ڪنهن خدمت جي لاءِ ڪئي وڃي. جيڪا سياست ڏکايل انسانيت جي خدمت کان خالي هجي ته اها سياست مفاد پرستي واري هوندي آهي ۽ مطلب پرستي واري هوندي آهي. انهن فرمايو ته اسان جي خدمت خلق ڪميٽي جو دائرو ڪي ڪي ايف جي شڪل ۾ اڄ به پوري ملڪ ۾ ڦيليل آهي. اهو فلاحي ادارو پوري ملڪ ۾ قدرتي آفتن ۽ حادثن جي موقعن تي متاثرن جي مدد ڪري ٿو. ڪي ڪي ايف آزاد ڪشمير ۾ زلزلي جي موقعي تي لکين متاثرن جي جهڙي طرح ڪيترن ئي مهينن تائين خدمت ڪئي اهو اڄ به ريڪارڊ تي موجود آهي. ملڪ جي مختلف حصن ۾ ايندڙ سيلاب، ڏڪار ۽ قدرتي آفتن جي موقعي تي ڪي ڪي ايف وڌي چڙهي ڪري متاثرن جي مدد ڪئي آهي. ڪي ڪي ايف جا اسپتال، ميڊيڪل سينٽر، بلڊ بينڪ، ايمبولينسون ۽ ميت بس سروس به عوام جي بغير ڪنهن فرق جي خدمت ۾ ڏينهن رات مصروف آهن. انهن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف کي قرباني جون کلون وڌ کان وڌ تعداد ۾ ڏين ته جيئن ڪي ڪي ايف وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڏکايل انسانيت جي خدمت ڪري سگهي. 

7/17/2024 2:42:25 PM