ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو مڪاني اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ ڪراچي جي مختلف سيڪٽرن ۽ مستعفي اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن جو دورو.
ڪراچي: 22 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مڪاني اليڪشن جي تيارين جي سلسلي ۾ مختلف سيڪٽرن ۽ مستعفي اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن جو دورو ڪيو. ان سلسلي ۾ سيد امين الحق ۽ ريحانه نسرين ڊسٽرڪ سينٽرل،عارف خان ڪورنگي ۽ جڏهن ته محترمه زرين مجيد ۽ اسلم آفريدي ملير ضلعي جو دورو ڪيو ۽ اتي مڪاني اليڪشن جي تيارين جو جائزو ورتو. ان موقعي تي انهن انٽرويوز پينل ۾ شامل ذميوارن کي خاص هدايت ڪئي ته اهي مڪاني اليڪشن جي اميدوارن جي چونڊ ڪندي وقت ذاتي پسند يا نا پسند کي هڪ پاسي رکي ڪري صرف ۽ صرف ميرٽ جي بنياد تي فيصلا ڪن.
*****