ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي ريلوي جي اسٽاف ۽ پوليس جي طرفان سينيئر صحافي چاند نواب جي مٿان تشدد ڪرڻ جي واقعي تي مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 22 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ڪينٽ ريلوي اسٽيشن تي ريلوي جي اسٽاف ۽ پوليس جي طرفان سينيئر صحافي چاند نواب تي تشدد ڪرڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سينيئر صحافي چاند نواب تي ريلوي اسٽاف ۽ پوليس جي طرفان تشدد جو واقعو صحافت جي آزادي تي پابندي لڳائڻ جي برابر آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته سينيئر صحافي چاند نواب ملڪي ۽ بين الاقوامي شهرت يافته صحافي آهن ۽ انهن کي پنهنجن فرضن کان روڪڻ ۽ انهن تي تشدد ڪرڻ جو واقعو مذمت جوڳو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير ريلوي خواجه سعد رفيق ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته چاند نواب تي تشدد جي واقعي جو فوري طور تي نوٽس ورتو وڃي ۽ ان واقعي ۾ ملوث اسٽاف ۽ پوليس وارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.
*****