Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فاٽا گرينڊ الائنس جي سربراھ ۽ سابق سينيٽر حميد الله جان آفريدي جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سابق وفاقي وزير بابر خان غوري سان فون تي ڳالھ ٻولھ.


فاٽا گرينڊ الائنس جي سربراھ ۽ سابق سينيٽر حميد الله جان آفريدي جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سابق وفاقي وزير بابر خان غوري سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
 Posted on: 9/22/2015
فاٽا گرينڊ الائنس جي سربراھ ۽ سابق سينيٽر حميد الله جان آفريدي جي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سابق وفاقي وزير بابر خان غوري سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
حميد الله جان آفريدي فاٽا صوبي جي مطالبي جي حمايت تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ پوري قيادت جو شڪريو به ادا ڪيو.
لنڊن: 22 سيپٽمبر 2015 
           فاٽا گرينڊ الائنس جي سربراھ ۽“ قبائليت بچائو تحريڪ” جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سابق سينيٽر حميد الله جان آفريدي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ سابق وفاقي وزير بابر خان غوري سان انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ لنڊن ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ فاٽا کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪرڻ جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. حميد الله جان آفريدي چيو ته فاٽا جي عوام جي خواهشن جي خلاف قبائلي علائقن کي ڪي پي ڪي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي پر جڏهن ته فاٽا جا عوام چاهين ٿا ته فاٽا جي علائقن تي ٻڌل هڪ الڳ صوبو ٺهي. حميد الله آفريدي فاٽا صوبي جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين ۽ پوري قيادت جو شڪريو به ادا ڪيو. بابر غوري چيو ته ايم  ڪيو ايم مظلوم قومن جي حقن جي لاءِ آواز بلند ڪري ٿي ۽ ايم ڪيو ايم ان کان اڳ به ملڪ جي ٻين حصن وانگر فاٽا جي عوام جي حقن جي لاءِ به آواز بلند ڪئي آهي ۽ اها اڄ به اهو سمجهي ٿي ته فاٽا جي مستقبل جي باري ۾ ڪوئي به فيصلو فاٽا جي عوام جي خواهشن  جي مطابق ڪيو وڃي. بابر خان غوري چيو ته وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان کي مضبوط ۽ ان کي ترقي ۽ خوشحالي جي راھ تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ 20 صوبا قائم ڪيا وڃن. 
*****

7/17/2024 2:23:15 PM