Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون، ناظم آباد گلبهار سيڪٽر ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون، ناظم آباد گلبهار سيڪٽر ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/22/2015
ايم ڪيو ايم بلديه ٽائون، ناظم آباد گلبهار سيڪٽر ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 22 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي گذريل ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجر، ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن ۽ سي آئي ڊي پوليس جي هٿان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته بلديه ٽائون سيڪٽر يونٽ 112 اي جي ڪارڪن محمد اختر، ناظم آباد گلبهار سيڪٽر يونٽ 189 جي ڪارڪن سهيل ۽ نارٿ ڪراچي سيڪٽر يونٽ 133 سي جي ڪارڪن سيد محمد منير کي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي لاپتا ڪرڻ تي انهن جا گهر وارا سخت پريشان آهن ۽ انهن کي ان ڳالھ جو خطرو آهي ته ڪٿي ٻين ڪارڪنن وانگر انهن کي به ماورائي عدالت قتل نه ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته رينجر ۽ ٻيا قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گرفتارين تي پنهنجي توانائي کپائڻ جي بدران دهشت گردن، ڀتي خورن، اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتون ڪرڻ وارن ۽ گينگ وار جي ڏوهارين جي گرفتاري تي کپائين . رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، صوبائي وزير داخلا انور سيال ۽ انساني حقن جي علمبردار قومي ۽ عالمي تنظيمن ۽ اين جي اوز کان مطالبو ڪيو ته اهي شهر ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري غير اعلانيه آپريشن جو نوٽس وٺن ۽ غير قانوني ڇاپن جو سلسلو بند ڪرائين ۽ آئين جي مطابق گرفتار ٿيلن کي عدالت ۾ پيش ڪرائين. 
*****

7/17/2024 2:39:49 PM