پرائيويٽ اسڪول مالڪن جي طرفان فيئن ۾ اضافي جي متعلق وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا بيان صرف ڏيکاءُ جي حد تائين آهن. سنڌ اسيمبلي جا حق پرست مستعفي ميمبر.
ڪراچي: 21 سيپٽمبر 2015
سنڌ اسيمبلي جي حق پرست اسيمبلي ميمبرن پرائيويٽ اسڪول مالڪن جي طرفان فيئن ۾ اضافي جي معاملي تي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا ان تي بيان صرف ڏيکاءُ جي حد تائين آهن. پر ان تي عملي طور تي ڪجھ به نه ڪيو پيو وڃي . پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ انهن چيو ته پرائيويٽ اسڪولن جي طرفان فيئن ۾ اضافو وڏي ناانصافي آهي جنهن سان غريب ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو سخت متاثر ٿي رهيا آهن. انهن چيو ته وفاقي ۽ ۽ صوبائي حڪومتن جي اها ذميواري آهي ته اهي ان معاملي تي سنجيدگي سان غور ڪن ۽ فيئن ۾ اضافو ٿيڻ نه ڏين. انهن چيو ته هڪ ضابطه اخلاق بڻايو وڃي جنهن جي تحت ئي فيئن ۾ اضافو ڪيو وڃي ۽ جيڪو ان جي تحت فيئن ۾ اضافو نه ڪري ان اسڪول جو لائيسنس منسوخ ڪيو وڃي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ وزير تعليم سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي فيئن ۾ اضافي جي رڳڪٿام جي لاءِ قدم کڻڻ ته جيئن غريب ٻارن جو مسقتبل داءُ تي نه لڳي.
*****