ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد، ڪراچي جي مختلف سيڪٽرن ۽ مستعفي اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن جو دورو.
ڪراچي: 21 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي تحت مڪاني اليڪشن جي تيارين جو سلسلو وڏي زور و شور سان جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن محمد حسين ۽ زاهد منصوري ضلع اوڀر، عارف خان ايڊووڪيٽ ڪورنگي جڏهن ته زرين مجيد ۽ اسلم آفريدي ملير ضلعي ۾ مستعفي اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن ۽ سيڪٽرن جو دورو ڪيو ۽ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ تيارين جو جائزو ورتو ۽ اتي جاري انٽرويوز ۾ به شرڪت ڪئي. رابطا ڪميٽي لال قلعه گرائونڊ عزيز آباد ۾ به ضلعي ڏکڻ جي ماڻهن جي جاري انٽرويوز جي متعلق ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن، ايلڊر ونگ ۽ شعبه خواتين کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو. ان موقعي تي انهن ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته اهي رابطا مهم جي سلسلي ۾ به تياريون شروع ڪري ڇڏين ۽ علائقن ۾ عوام جا مسئلا به حل ڪن.
*****