متحده قومي موومينٽ جي تحت مڪاني اليڪشن جي تيارين جو سلسلو وڏي زور و شور سان جاري آهي
ڪراچي: 20 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي تحت مڪاني اليڪشن جي تيارين جو سلسلو وڏي زور و شور سان جاري آهي ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عبدالحسيب ۽ مطيع الرحمٰن اولھ ضلعي،محمد حسين ۽ زاهد منصوري اوڀر ضلعي، عارف خان ڪورنگي ۽ امين الحق ۽ محترمه ريحانه نسرين ڏکڻ ضلعي ۾ سابق اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن جو دورو ڪيو ۽ مڪاني اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪمن جو جائز ورتو ۽ اطمينان جو اظهار ڪندي اليڪشن جي تيارين ۾ مصروف ڪارڪنن ، ايلڊر ونگ ۽ شعبه خواتين کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان شاباش ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو.