Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان سماء نيوز جي ڊي ايس اين جي تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان سماء نيوز جي ڊي ايس اين جي تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 9/20/2015
هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان سماء نيوز جي ڊي ايس اين جي تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
ڪراچي: 20 سيپٽمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي لياقت آباد نمبر 10 ۾ سماء نيوز جي ڊي ايس اين جي وين تي هٿيار بند دهشت گردن جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي شهر ۾ ميڊيا جي گاڏين، صحافين ۽ اسٽاف کي نشانو بڻائڻ جي واقعن جو تسلسل قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به ٻين نيوز چينلن جي گاڏين کي نشانو بڻائڻ ۽ صحافين کي قتل ڪرڻ جا واقعا ٿيا آهن پر انهن واقعن ۾ ملوث وحشي دهشت گرد هن مهل تائين قانون جي پڪڙ کان آزاد آهن. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي سماء جي گاڏي تي فائرنگ ڪرڻ جي واقعي جو سختي سان نوٽس وٺن ۽ ان ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي.

7/17/2024 1:44:59 PM