Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايندڙ نسلن جي بقا، سلامتي ۽ انهن جي حقن جي حصول جي لاءِ نظرياتي لباس پائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين


ايندڙ نسلن جي بقا، سلامتي ۽ انهن جي حقن جي حصول جي لاءِ نظرياتي لباس پائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
 Posted on: 9/20/2015
ايندڙ نسلن جي بقا، سلامتي ۽ انهن جي حقن جي حصول جي لاءِ نظرياتي لباس پائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين
اڄ پوري دنيا جا حالات تيزي سان بدلجي رهيا آهن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان تاريخ جون وڏيون وڏيون هجرتون ٿي رهيون آهن
مذهبي انتها پسندي ۽ شدت پسندي جي ڪري سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي شڪ جي نظرن سان ڏٺو پيو وڃي
اسٽيبلشمينٽ، حڪومتن ۽ اڪثر پاڪستاني عوام به بانيان پاڪستان جي اولاد“ مهاجرن ” کي قبول نه ڪيو
ايم ڪيو ايم اوورسيز آسٽريليا جي زير اهتمام آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ ڪارڪنن جي اجتماعن کي خطاب
لنڊن: 20 سيپٽمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته سچي نيت سان الله تعالٰي جي مخلوق جي خدمت، ايندڙ نسلن جي بقا ۽ سلامتي ۽ انهن جي جائز حقن جي حصول جي لاءِ نظرياتي لباس پائڻ تمام گهڻو ضروري آهي. ان جي ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ تحريڪي ذميوار ۽ ڪارڪن پاڻ کي نظرياتي طور تي مضبوط ڪن ۽ تحريڪ جي فڪر و فلسفي جي فروغ جي لاءِ پنهنجو هر ممڪن ڪردار ادا ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم اوورسيز آسٽريليا جي زير اهتمام آسٽريليا جي شهرن سڊني، ميلبرن، ڪينبرا، پرٿ ۽ نيوزي لينڊ جي شهر آڪلينڊ ۾ ڪارڪنن جي اجتماعن کي هڪ ئي وقت ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين پاڪستان جي سياسي ۽ معاشي حالات، عالمي صورتحال، تحريڪ پاڪستان، انساني زندگي ۾ نظريي جي اهميت ۽ ٻين معاملن تي فڪر انگيز خيالن جو اظهار ڪيو. انهن فرمايو ته اڄ منهنجي لاءِ ذاتي طور تي ۽ ايم ڪيو ايم جي لاءِ گڏيل طور تي انتهائي خوشي جو مقام آهي ته ايم ڪيو ايم جو فڪر و فسلفو  دنيا جي وڏن وڏن ملڪن ۾ ڦيلجي رهيو آهي. آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ سميت سڄي دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ۽ همدرد روزگار ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي طاقت جي مطابق تحريڪي جدوجهد ۾ مصروف آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته انساني زندگي ۾ آئيڊيالاجي جي وڏي اهميت آهي، نظريو سياسي به هوندو آهي ۽ غير سياسي به. غير سياسي نظريي ۾ سماجي ۽ تهذيبي اقدار ۽ سوشيالاجي کي ورتو وڃي ٿو. جڏهن ته سياسي نظريي کي حڪومتي نظام ۾ ورتو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته تهذيبي تقاضن جي تحت انسان اڪثر کاڌو کائڻ کان اڳ پنهنجا هٿ ڌوئي ٿو ۽ صرف ڪجھ آفريڪي ۽ سائوٿ آمريڪا جي جهنگن ۾ آباد قبيلن جي پوري دنيا ۾ ڪوئي به انسان لباس پائڻ کان سواءِ گهر کان ٻاهر نه ٿو نڪري. ڇو ته تهذيبي ۽ سماجي تقاضا ان کي مجبور ڪري ٿو ته اهو پنهنجي گهر وارن جي سامهون کپڙن سان پنهنجي جسم کي ڍڪي رکي. انهن فرمايو ته جهڙي طرح لباس سماجي ضرورت آهي. اهڙي طرح عوام جي ڀلائي ۽ بهتري ، ملڪ جو نظام هلائڻ ۽ الله سائين جي مخلوق جي خدمت ڪرڻ جي لاءِ به انسان کي نظرياتي لباس پائڻو پوي ٿو ۽ ڪنهن وقت اهو نظرياتي لباس ايتري اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو جو انسان ان نظرياتي لباس جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي جان کي به قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. بنيادي طور تي هر ملڪ جو شهري چاهي ٿو ته ان جي ملڪ ۾ اهڙو نظريو هجي جنهن جي مطابق آرام ۽ سڪون جي زندگي گذاري سگهي. ان کي سٺي تعليم، صحت ۽ نوڪري ملي ۽ روز مره جا ڪم بغير ڪنهن خوف ۽ آساني سان انجام ڏيئي سگهي. انهن فرمايو ته جيئن جو روزگار جو حصول انهن جي زندگي جي لاءِ ضروري آهي. ان کان سواءِ زندگي گذارڻ ممڪن نه آهي. اهڙي طرح نظريو به انسان جي بقا جي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ سياسي نظريي کان سواءِ ڪنهن به معاشري جي بقا، سلامتي ۽ ترقي ممڪن ٿي نه ٿي سگهي. جناب الطاف حسين آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان جنهن ملڪ ۾ پيدا ٿيا آهيو ۽ جتي اوهان پنهنجي شروعاتي تعليم حاصل ڪئي آهي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ اوهان کي پنهنجي تعليم جي مطابق پنهنجي ملڪ ۾ نوڪري نه ملي ته روزگار جي لاءِ اوهان کي آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ روزگار جا سٺا ذريعا نظر آيا ۽ اوهان پنهنجو ملڪ ڇڏي ڪري هتي رهائش اختيار ڪري ورتي. اهڙي طرح انسان علم ۽ روزگار جي حصول جي لاءِ پنهنجي ملڪ جون سرحدون اورانگهي ٿو ۽ جتي به ان کي تعليم ۽ روزگار جا موقعا ملن ٿا اهو اوڏانهن جو رخ  اختيار ڪري وٺي ٿو. اهڙي طرح انساني هجرت جو عمل جاري رهي ٿو. جناب الطاف حسين حاظرين کان پچيو ته ڇا اوهان پنهنجي خوشي سان پنهنجو وطن پاڪستان ڇڏيو آهي؟ جنهن تي شرڪاء بلند آواز ۾ جواب ڏنو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين وڌيڪ پچيو ته ٻئي ملڪ ۾ اهو اوهان جي روزاني واري زندگي جو حصو هوندو ته اوهان ڪاروبار يا روزگار ڪريو ٿا ۽ ان کان پوءِ اوهان گهر اچو ٿا  پر جڏهن اوهان اڪيلا هجو ٿا ته ڇا اوهان کي پنهنجو گهر، پاڙو ۽ گهٽيون ياد نه ٿيون اچن؟ جنهن تي شرڪاء چيو ته ياد اچن ٿيون. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن جان، مال ۽ عزت جي تحفظ سان گڏ جيڪڏهن اوهان کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي شهر ۾ روزگار جا موقعا ملن ۽ اوهان کي آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ مليل نوڪري مان حاصل ٿيندڙ پگهار کان ڪجھ گهٽ پگهار به ملي ته ڇا اوهان پنهنجي ملڪ، شهر ۽ پنهنجن گهر وارن سان گڏ رهڻ کي ترجيح نه ڏيندو؟ جنهن تي شرڪاء هڪ زبان ٿي ڪري جواب ڏنو ته بلڪل ترجيح ڏينداسين. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون، اسان جي بزرگن هندن جي اڪثريت جي خطري جي سبب ۽ آزادي جي زندگي گذارڻ جي خاطر پاڪستان جي تحريڪ هلائي ۽ 20 لک قيمتي جانين جو نذرانو پيش ڪري 1947 ۾ الڳ وطن پاڪستان بڻايو ته جيئن الڳ وطن ۾ سڪون جي زندگي گذاري سگهن ۽ انهن جي بنيادي حقن جو تحفظ به ٿي سگهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته پاڪستان جي قيام جي جدوجهد ۽ پاڪستان جو نعرو لڳائڻ جي ڏوھ ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمان اقليتي صوبن جا ڳوٺن جا ڳوٺ باھ ۾ ساڙيا ويا. هزارين عورتن جون عزتون لٽيون ويون، والدين جي سامهون انهن جي ٻارن جا ڳلا ڪٽيا ويا ۽ 20 لک جانين جون قربانيون ڏيئي ڪري اسان پاڪستان بڻايو هو. پر اڄ 69 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ، حڪومتون ۽ اڪثر پاڪستاني عوام به بانيان پاڪستان جي اولادن کي قبول نه ڪيو. زندگي جي هر شعبي ۾ مهاجرن سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو، مهاجرن کي اعلٰي تعليم ۽ نوڪرين کان دور رکڻ جي لاءِ صرف صوبي سنڌ ۾ ڪوٽا سسٽم نافذ ڪيو ويو ته جيئن تعليم ۽ صلاحيت جي لحاظ کان اوهان جنهن نوڪري جا حقدار آهيو اها نوڪري اوهان کي نه ملي سگهي. اوهان جنهن عزت جا حقدار آهيو اها عزت اوهان کي نه ڏني وڃي. بانيان پاڪستان جي قربانين جو اهو بدلو ڏنو ويو ته مهاجرن کي انهن جي پنهنجي بڻايل ملڪ ۾ مڪڙ، تلير، مٽروا ۽ ڀيا جهڙن لقبن سان پڪاريو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ به صورتحال اها آهي ته آسٽريليا ، نيوزي لينڊ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ آباد مهاجرن جا جيڪي ٻار جيڪڏهن پاڪستان وڃي ڪري نوڪري حاصل ڪرڻ چاهين ۽ پنهنجيون ڊگريون ڏيکارين ته انهن جي اهليت ۽ قابليت ڏسڻ جي بجاءِ انهن کان اهو ئي پچيو ويندو ته توهان جا ابا ڏاڏا ڪٿي پيدا ٿيا ۽ ان بنياد تي انهن جي درخواست رڌ ڪئي ويندي. انهن ڪارڪنن ۽ همدردن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان ڪٿي به رهو، اوهان جو فرض آهي ته اوهان پنهنجي قوم تي ڪيل ظلمن کان نه صرف پاڻ آگاھ رهو پر سوشل ميڊيا جي ذريعي ٻين کي به آگاھ ڪريو، انهن ظلمن جي خلاف جهڙي طرح ممڪن هجي آواز اٿاريو ۽ انهن ظلمن جو نشانو بڻجندڙ پنهنجن ڀائرن جي هر ممڪن مدد ڪريو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جهڙي طرح جسم کي لڪائڻ جي لاءِ لباس جي ضرورت پوي ٿي اهڙي طرح پنهنجي قوم کي بچائڻ جي لاءِ به نظرياتي لباس کي پائڻ ۽ ڦيلائڻ جي ضرورت پوي ٿي. جيڪڏهن اوهان نظرياتي لباس پائي ورتو ته اهو اوهان کي ان ڳالھ تي مجبور ڪندو رهندو ته اوهان اڄ ڪهڙو نظرياتي ڪم ڪيو ، نظريي کي وڌائڻ جي لاءِ ڪهڙو ڪم ڪيو. جيڪڏهن اوهان نظريي کي پنهنجي جسم ۽ جين جو حصو بڻائي ورتو ته پوءِ ڪوئي به اوهان کي ورغلائي نه ٿو سگهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ پوري دنيا جا حالات تيزي سان بدلجي رهيا آهن، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کان تاريخ جون وڏيون وڏيون هجرتون ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ زميني ۽ سامونڊي رستن کي پار ڪري رهيا آهن ۽ ان ڪوشش ۾ پنهنجيون جانيون به وڃائي رهيا آهن. مذهبي انتها پسندي ۽ شدت پسندي جي ڪري دنيا ۾ مسلمانن کي شڪ جي نظرن سان ڏٺو پيو وڃي. جيڪڏهن ان صورتحال جي ڪري  ڪالھ خدانخواسته آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ کان به پاڪستان جي مسلمانن کي ڪڍڻ جو سلسلو شروع ٿي وڃي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ انهن صوبي ڪي پي ڪي جي علائقي ٻڍھ ٻير ۾ دهشت گرد حملي جو ذڪر ڪندي فرمايو ته پاڪستان دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. اهڙي ۾ پاڪستان کي اندروني مضبوطي ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جيڪي يڪجهتي جي بجاءِ ڏڦيڙ کي جنم ڏيئي رهيا آهن. انهن فرمايو ته پاڪستان جي قيام کان فورن بعد ئي مهاجرن سان ناانصافين ۽ زيادتين جو سلسلو جاري آهي. مهاجرن کي سمنڊ ۾ اڇلائڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون. اڄ به ايم ڪيو ايم کي طاقت جي ذريعي ڪڇلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو پيو وڃي. انهن کي گرفتار ڪري سرڪاري عقوبت خانن ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. انهن جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي غائب ڪيو پيو وڃي ۽ مهاجرن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. انهن ايم ڪيو ايم آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي انساني حقن جي ادارن کي انهن ظلمن کان آگاھ ڪن، قوم جي بقا جي لاءِ نظرياتي ڪم ڪن. تحريڪ جي پيغام کي ڦيلائڻ جي لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻين ۽ جدوجهد کي پنهنجي ايمان جو حصو بڻائي ڇڏين. انهن فرمايو ته پنهنجي حقن جي حصول ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ ويهڻ جي بجاءِ عملي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي ۽ قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون. جناب الطاف حسين اجتماعن جي انعقاد تي آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪندي انهن کي سلوٽ به پيش ڪيو. انهن اجتماعن ۾ شريڪ سمورن نوجوانن، بزرگن، عورتن ۽ ٻارن کي دعائون ڏيندي فرمايو ته الله تعالٰي اوهان جي جذبي، همت ۽ حوصلي ۾ اضافو فرمائي. آمين.


7/17/2024 1:43:59 PM