Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪالھ به محب وطن جماعت هئي ۽ اڄ به آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي


ايم ڪيو ايم ڪالھ به محب وطن جماعت هئي ۽ اڄ به آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
 Posted on: 9/20/2015
ايم ڪيو ايم ڪالھ به محب وطن جماعت هئي ۽ اڄ به آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
پاڪستان سان ايم ڪيو ايم جي وابستگي غير مشروط طور تي هميشه جاري رهندي.
92 جي آپريشن ۾ هزارين ڪارڪنَ پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿيا.
ڀارت سميت ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ وارن نه ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز کان اجازت ورتي ۽ نه ئي ان عمل کي ڪنهن به طرح ايم ڪيو ايم جي پاليسي جو حصو قرار ڏيئي سگهجي ٿو.
ڀارت وڃڻ وارن ماڻهن سان منسوب ڪيل تربيت وغيره جي معاملن جو به ايم ڪيو ايم جي مرڪز يا ان جي پاليسي سان ڪوئي به تعلق نه آهي.
مهاجرن کي قومي وهڪري کان ٻاهر ڪڍڻ جو عمل نه ڪيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 20 سيپٽمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ اهم پاليسي بيان ۾ واضع ڪيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪالھ به محب وطن جماعت هئي ۽ اڄ به آهي ۽ پاڪستان کان وابستگي غير مشروط طور تي هميشه جاري رهندي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھ ميڊيا جي رپورٽن ۽ اخباري اطلاعن ۾ ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪجھ ماڻهن جي ڀارت سان تعلقات جو ذڪر ڪيو پيو وڃي جن جي وضاحت ضروري آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جون 1992 ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف جيڪي رياستي آپريشن شروع ڪيو ويو هو ان جي دوران ٿيندڙ ناانصافين جون تفصيلات ريڪارڊ تي موجود آهن. ان آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي جهڙي طرح رياستي ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو هو ان کي سامهون رکندي هزارين ڪارڪن پنهنجيون جانيون بچائن جي لاءِ ملڪ جي ٻين حصن سان گڏو گڏ ٻاهرين ملڪن ڏانهن به وڃڻ تي مجبور ٿيا. جتي انهن پناھ حاصل ڪئي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، ڪينيڊا، برطانيه، فرانس، جرمني، آسٽريليا ۽ مشرق وسطٰي جي ملڪن سميت دنيا جا سمورا ملڪ شامل آهن. جتي انهن ڪارڪنن دنيا جي ٻين ملڪن جو رخ ڪيو اتي ئي ڪن ڪارڪنن کي جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو موقعو نه مليو ته انهن پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ ڀارت جو رخ ڪيو. رابطا ڪميٽي چيو ته ان حقيقت کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي ته اڄ به پاڪستان کان وڌيڪ مسلمان هندستان ۾ آباد آهن. ڇو ته 1947 ۾ هندستان جي صرف زميني ورهاست نه ٿي هئي. بلڪه خاندانن جي ورهاست به ٿي هئي. اڄ به پاڪستان ۾ رهندڙ مهاجرن جي مٽن مائٽن جي وڏي تعداد ڀارت ۾ آباد آهي. جيتوڻيڪ ڪن ڪارڪنن فقط ان جي ڪري ڀارت جي چونڊ ڪئي ته گهٽ ۾ گهٽ اتي انهن کي رهڻ جي جڳھ ته ملندي ۽ انهن کي دربدر ٿيڻ ۽ بدحالي جي زندگي گذارڻي نه پوندي. رابطا ڪميٽي چيو ته پنهنجيون جانيون بچائڻ جي لاءِ ڀارت سميت ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ وارن نه ته ايم ڪيو ايم جي مرڪز کان اجازت ورتي ۽ نه ئي ان عمل کي ڪنهن به طرح ايم ڪيو ايم جي پاليسي جو حصو قرار ڏيئي سگهجي ٿو. ڀارت وڃڻ وارن ماڻهن سان منسوب ڪيل تربيت وغيره جي معاملن جو به ايم ڪيو ايم جي مرڪز يا پاليسي سان ڪوئي به تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم بانيان پاڪستان جي اولادن جي قائم ڪيل جماعت آهي ۽ وطن عزيز جي خلاف ڪوئي به منصوبو ان جي وهم و گمان ۾ به نه آهي. رابطا ڪميٽي اسٽيبلشمينٽ کي اپيل ڪئي ته اها ملڪ جي مفاد ۾ طاقت ۽ جذبات جي بجاءِ حقيقتن جي روشني ۾ سمورن معاملن جو جائزو وٺي. اڄ جهڙي طرح رياست کان ناراض بلوچن جي لاءِ معافي جو اعلان ڪيو پيو وڃي.جيڪو هڪ انتهائي سٺو قدم آهي. اهڙي طرح اسٽيبلشمينٽ ماضي جي تلخ يادن کي نظر انداز ڪري مهاجرن جي ڦٽن تي به مرهم رکي ۽ انهن کي قومي وهڪري کان ٻاهر ڪڍڻ جو عمل نه ڪري. رابطا ڪميٽي چيو ته اهو عمل ملڪ ۽ قوم جي مفاد ۾ هوندو ۽ ان عمل کي ايم ڪيو ايم جو مڪمل تعاون به حاصل هوندو.


7/17/2024 1:33:09 PM