Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زرين نصرت خيل، ايم ڪيو ايم نواب شاھ زون جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ۽ ٻين ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار


ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زرين نصرت خيل، ايم ڪيو ايم نواب شاھ زون جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ۽ ٻين ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار
 Posted on: 9/20/2015
ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زرين نصرت خيل، ايم ڪيو ايم نواب شاھ زون جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ۽ ٻين ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپن ۽ گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 20 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي ڇاپن جي دوران ايم ڪيو ايم ڪي پي ڪي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زرين نصرت خيل، ايم ڪيو ايم نواب شاھ زون جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ۽ ٻين ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي ڇاپن ۽ گرفتارين جون تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته گذريل رات ڪي پي ڪي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج زرين نصرت خيل، نواب شاھ زون جي زونل انچارج ڊاڪٽر نعيم ، ايم  ڪيو ايم ليبر ڊويزن ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪن اشرف، رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 3 بي جي ڪارڪنن شهريار ۽ محمد علي ۽ ڪراچي مضافاتي آرگنائيزنگ ڪميٽي ابراهيم حيدري سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر شيخ عامر کي رينجر گرفتار ڪري ورتو.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جي آڙ ۾ جهڙي طرح ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي گهرن تي لڳاتار ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن، ان مان صاف ظاهر آهي ته ايم ڪيو ايم کي هڪ منظم سازش جي تحت ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي فلاحي سرگرمين تي به غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن ڏوهن ۾ ملوث هجن ها ته اهي هزارين ڇاپن ۾ ڪٿي ته رينجر ۽ پوليس وارن سان ٽڪراءُ ڪن ها. پر ائين نه ٿيو جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن جماعت آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته  ڪراچي آپريشن جو رخ مڪمل طور تي غلط آهي ۽ ان کي صرف ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ  جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪور ڪمانڊر ڪراچي جنرل نويد مختيار ۽ ڊي جي رينجر بلال اڪبر کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي بغير ڪنهن جواز جي ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرائين ۽ ڪراچي آپريشن جي رخ کي صحيح ڪرائين ۽ گرفتار ٿيلن کي به آزاد ڪرائين. 


7/17/2024 1:19:04 PM