Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس،مڪاني اليڪشن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس،مڪاني اليڪشن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.
 Posted on: 9/18/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اجلاس،مڪاني اليڪشن جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.
ڪراچي: 18 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جو هڪ اجلاس ٿيو. جنهن ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي طرفان ڀرپور تيارين جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ مڪاني اليڪشن جي لاءِ ايم ڪيو ايم اليڪشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو ۽ ان کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور به ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جا ميمبر اڄ ئي مختلف سيڪٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي آفيسن جو دورو ڪندا ۽ سڄي شهر ۾ علائقائي سطح تي مڪاني اليڪشن جي لاءِ حق پرست اميدوارن جا انٽرويو به ڪندا. اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو ته مڪاني اليڪشن جي لاءِ حق پرست اميدوارن جي انٽرويوز جو سلسلو تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن حق پرست مڪاني اميدوارن مان چيئرمين، وائيس چيئر مين ۽ ڪائونسلرن جي فهرست کي حتمي شڪل ڏيئي سگهجي.
*****


7/17/2024 1:45:57 PM