ايم ڪيو ايم جي وفد جي پشاور ايئر بيس حملي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن،جوانن ۽ نمازين جي جنازي نماز ۾ شرڪت.
پشاور: 18 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي وفد پشاور ايئر بيس حملي ۾ شهيد ٿيندڙ فوجي آفيسرن، جوانن ۽ نمازين جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. وفد ۾ پشاور ضلع جا ميمبر محمد اعجاز ۽ حبيب الرحمٰن شامل هئا. جن سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ شهيدن جي سوگوار پونئرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن سان جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ افسوس جو اظهار به ڪيو.
*****