Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي دهشت گرد نشانو بڻائي رهيا آهن. خواجه اظهار الحسن.


ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي دهشت گرد نشانو بڻائي رهيا آهن. خواجه اظهار الحسن.
 Posted on: 9/18/2015
ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي دهشت گرد نشانو بڻائي رهيا آهن. خواجه اظهار الحسن.
سنڌ اسيمبلي جي مستعفي ميمبر سيف الدين خالد جي گاڏي تي فائرنگ ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي.
خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 18 سيپٽمبر 2015 
              ڪراچي آپريشن ۾ پوليس، رينجر ۽ ٻين سيڪورٽي ادارن کي نشانو بڻائڻ وارا دهشت گرد ڪراچي آپريشن جي حمايت ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن ۽ ڪارڪنن کي به نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ دهشت گردن کي ملڪ جي استحڪام جي لاءِ ايم ڪيو ايم جو ڪردار کٽڪي رهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي مستعفي ميمبر سيف الدين خالد جي گاڏي تي هٿيار بند دهشت گردن جي طرفان فائرنگ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي. انهن خيالن جو اظهار سنڌ اسيمبلي جي مستعفي ميمبر خواجه اظهار الحسن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن اقبال مقدم،زاهد منصوري ۽ مستعفي ميمبرن کان علاوه  ٻيا به موجود هئا.  خواجه اظهار الحسن چيو ته ان کان اڳ به دهشت گردن ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن منظر امام، رضا حيدر، ساجد قريشي ۽ انهن جي نوجوان پٽ کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته مستعفي حق پرست ميمبر رشيد گوڏيل کي به گذريل مهيني دهشت گردن فائرنگ جو نشانو بڻايو هو. جنهن ۾ اهي سخت زخمي ٿي پيا هئا. جيڪا وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهي.انهن چيو ته هڪ طرف ته ڪراچي آپريشن ۾ ايم 
ڪيو ايم کي تڪراري بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته ٻئي طرف دهشت گرد اسان جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن کي کلي عام نشانو بڻائي رهيا آهن. پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون اسان جي اڳواڻڻ ۽ ڪارڪنن جي زندگين کي ڪائي به اهميت نه ڏيئي رهيون آهن. انهن چيو ته رشيد گوڏيل جي قاتلن کي به هن مهل تائين گرفتار نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته سيف الدين خالد تي حملي کان پوءِ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به نمائندي سيف الدين خالد يا ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به اڳواڻ سان رابطو نه ڪيو آهي ۽ نه ئي اسان جي چونڊيل نمائندن کي سنڌ حڪومت جي طرفان سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي فوري طور تي سيڪيورٽي فراهم ڪن. ان موقعي تي سيف الدين خالد به صحافين کي ان افسوسناڪ واقعي جي تفصيلات کان آگاھ ڪيو.
*****

7/17/2024 1:26:02 PM