Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي مستعفي ميمبر سنڌ اسيمبلي سيف الدين خالد تي نارٿ ڪراچي ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم جي مستعفي ميمبر سنڌ اسيمبلي سيف الدين خالد تي نارٿ ڪراچي ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/18/2015
ايم ڪيو ايم جي مستعفي ميمبر سنڌ اسيمبلي سيف الدين خالد تي نارٿ ڪراچي ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 18 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي مستعفي ميمبر سنڌ اسيمبلي سيف الدين خالد نارٿ ڪراچي ۾ دهشت گردن جي قاتلاڻه حملي ۾ بچي ويا. تفصيلات جي مطابق سيف الدين خالد پنهنجي گهر نارٿ ڪراچي کان پنهنجي تڪ اورنگي ٽائون وڃي رهيا هئا ته دهشت گردن انهن جي گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني. ان موقعي تي سيف الدين خالد جي گن مين به جوابي فائرنگ ڪئي جنهن تي گهبرائي ڪري حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا. اکين ڏٺل شاهدن جي مطابق  حملي ڪندڙن جون عمرون 25 کان 30 سال هئي ۽ انهن کي پينٽ شرٽ پاتل هئي. واقعي جي اطلاع ملندي ئي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي ۽ مستعفي ميمبرن سيف الدين خالد جي خيريت معلوم ڪئي. رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ۽ لنڊن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن به فون ڪري سيف الدين خالد جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي محفوظ رهڻ تي الله سائين جو شڪر ادا ڪيو. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي انهن تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي کليل دهشت گردي قرار ڏنو آهي.
*****


7/17/2024 1:29:54 PM