Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پشاور ۾ ٻڍھ بير ايئر بيس تي دهشت گردن جي بزدلاڻه حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


پشاور ۾ ٻڍھ بير ايئر بيس تي دهشت گردن جي  بزدلاڻه حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/18/2015
پشاور ۾ ٻڍھ بير ايئر بيس تي دهشت گردن جي  بزدلاڻه حملي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: 18 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پشاور ۾ ٻڍھ بير ايئر بيس تي دهشت گردن جي بزدلاڻه حملي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته حملو ڪندڙن نه صرف ايئربيس تي حملو ڪيو بلڪه ايئربيس جي مسجد ۾ به اندر داخل ٿي ڪري فجر جي نماز ادا ڪندڙ نمازين کي گوليون هڻي ڪري  شهيد ڪري ڇڏيو جيڪو انتهائي ظالمانه عمل آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. جناب الطاف حسين دهشت گردن جي هٿان جام شهادت نوش فرمائيندڙ فوجي آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي فرمايو ته نوجوان ڪيپٽن اسفند يار، جونيئر ٽيڪنيشنز شان ۽ طارق وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي پنهنجي جان قربان ڪري سوين قيمتي جانين کي بچائي ورتو. جنهن تي جيترو به فخر ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي. جناب الطاف حسين پاڪ فوج کي هڪ ڀيرو ٻيهر يقين ڏياريو ته مون سميت ايم ڪيو ايم وطن عزيز جي دفاع جي لاءِ پاڪ فوج سان گڏ آهي ۽ وطن جي سلامتي جي لاءِ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. جناب الطاف حسين ان حملي ۾ شهيد ٿيندڙ نمازين ، پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي سمورن شهيدن جا درجات بلند فرمائي ۽ سمورن سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين سمورن زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي .
*****

7/17/2024 1:38:48 PM