Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسان فوج يا رينجر جا دشمن نه آهيون ۽ اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


اسان فوج يا رينجر جا دشمن نه آهيون ۽ اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه  ٿا چاهيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/17/2015
اسان فوج يا رينجر جا دشمن نه آهيون ۽ اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه  ٿا چاهيون.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
خدا جي واسطي اسان سان دشمني ختم ڪريو، جيڪڏهن ڪائي ناراضگي آهي ته اسان کي ٻڌايو، توهان اسان جي لاءِ غير نه بلڪه اسان جا پنهنجا آهيو، جيڪڏهن اسان ڪا غلطي ڪئي آهي ته اسان کي توهان کان معافي وٺڻ ۾ ڪوئي به عار محسوس نه ٿيندو.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ وڏي اجتماع کي خطاب.
لنڊن: 18 سيپٽمبر 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان فوج  يا رينجر جا دشمن نه آهيون، اسان ڪنهن سان به وڙهڻ نه ٿا چاهيون،خدا جي واسطي اسان سان دشمني نه ڪريو، جيڪڏهن اسان سان ڪائي ناراضگي آهي ته اسان کي ٻڌايو، توهان اسان جي لاءِ غير نه بلڪه اسان جا پنهنجا آهيو، جيڪڏهن اسان ڪا غلطي ڪئي آهي ته اسان کي توهان کان معافي وٺڻ ۾ ڪائي به شرم محسوس نه ٿيندي.مان هر موقعي تي فوج ۽ رينجر جي حمايت ڪئي ، فوج جي آپريشن ضرب عضب جي حمايت ۾ هڪ ملين جي ريلي ڪڍي، مان پاڻ بيهي ڪري فوج ۽ رينجر کي سلوٽ پيش ڪيو ۽ لکين ماڻهن کان به سلوٽ پيش  ڪرايو. ان جماعت ۽ ان جي اڳواڻ تي پابندي لڳائڻ ، ان جي زبان تي تالا وجهڻ ڇا درست ۽ جائز آهي؟ انهن خيالن جو اظهار انهن اڄ پنهنجي 62 هين سالگره جي موقعي تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ هڪ وڏي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو. اهو خطاب ڪراچي سميت پاڪستان جي 39 شهرن ۾ هڪ ئي وقت ٻڌو ويو. اجتماعن ۾ سمورين قومن ۽ مذهبن جي ماڻهن شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده حالات تمام گهڻا خراب آهن، اسان جا هزارين ساٿي اسير آهن، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ميڊيا تي انهن جي باري ۾ طرح طرح جون ڪوڙيون خبرون هلايون پيون وڃن، انهن کي من گهڙت ۽ ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي. انهن فرمايو ته جڏهن مون کي ٻيو ڀيرو گرفتارڪيو ويو ته مون تي ٻين مقدمن سان گڏو گڏ پوليس وارن جي ٽوپي ۽ بيلٽ چوري ڪرڻ جو مقدمو به بڻايو ويو هو. انهن ڪارڪنن ۽ عوام کي چيو ته جيستائين عدالت مان ثابت نه ٿي وڃي ته تيستائين اوهان انهن الزامن تي يقين نه ڪجو. حالات تمام گهڻا خراب آهن. پر اوهان انهن کان بلڪل به مايوس نه ٿيو، اوهان پنهنجي نظريي ۽ مشن و مقصد جي سچائي تي يقين رکو ۽ الله سائين جي ڀروسو تي ماضي ۾ به وڏن وڏن امتحانن جو مقابلو ڪيو آهي. اڄ به ڪري رهيا آهيو. پنهنجي نظريي تي يقين رکو، مايوس نه ٿيو هڪ نه هڪ ڏينهن اوهان ضرور ڪامياب ٿيندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ منهنجي تقرير ميڊيا تي نشر ڪرڻ تي پابندي عائد آهي. منهنجو بيان نشر ڪرڻ، ريڪارڊ ۽ انٽرويو نشر ڪرڻ ايستائين جو منهنجي تصوير ڇاپڻ تي به پابندي عائد آهي. حڪومتي وزير چون ٿا ته الطاف حسين جي تقرير تي پابندي اسان نه بلڪه ڪورٽن لڳائي آهي. انهن فرمايو ته منهنجو سوال اهو آهي ته منهنجي تقريرن ۽ بيان نشر ڪرڻ تي پابندي عائد ڇو ڪئي وئي آهي؟ ڇا مان اوهان جي گهر ۾ چوري ڪئي آهي، ڌاڙو هنيو آهي، ڇا مان ڪنهن کي قتل ڪيو آهي، ڇا مان ڪنهن کان ڏاڍ جي زور تي پيسا ورتا آهن؟  جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ڪورٽن جو احترام ڪريان ٿو. پر وڏي ادب سان منهنجو سوال اهو آهي ته اوهان ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندا هجو، اوهان ٻڌايو ته ڇا انسانن تي اعتراض ڪرڻ ۽ الله تعالٰي تي اعتراض ڪرڻ برابر ٿي سگهي ٿو؟ انسان غلطين ۽ گناهن جو پتلو آهي. پاڪ ، صاف ۽ گناهن کان پاڪ ته صرف ۽ صرف الله تعالٰي جي ذات مبارڪ آهي. جيڪڏهن اوهان حڪمرانن ۽ اسٽيلبشمينٽ تي تنقيد ڪريو، انهن جي ظلم کي ظلم، ڏاڍ کي ڏاڍ  ۽ ناانصافين کي ناانصافي چئو ته ان کي نفرت انگيز تقرير ڪيئن چئي سگهجي ٿو؟ منهنجي تقرير ۽ بيان نشر ۽ شايع ڪرڻ تي پابندي عائد ڪرڻ جو فيصلو منهنجين اکين تي . پر بحيثيت پاڪستاني شهري منهنجو سوال اهو آهي ته ڇا پوري ملڪ ۾ ڪنهن ٻئي ليڊر جي زبان کان اوهان اهڙا جملا نه ٻڌا آهن جو جن کي غير اخلاقي ۽ نفرت انگيز چيو وڃي؟ ڇا عمران خان جي فوج جي جنرلن جي باري ۾ اها ڳالھ ريڪارڊ تي موجود نه آهي ته 20 هزار ماڻهو روڊن تي وٺي اچو ته انهن جنرلن جو مٽ وهي ايندو. اهي ايترا ته بزدل هوندا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڇا ڪنهن گهر ۾ بزرگ ٻارن کي ڇنڊ پٽيندي يا ڌڙڪا ڏيندي انهن کي برو ڀلو نه ٿو چوي. الله تعالٰي فرمائي ٿو ته هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪوئي  اهو چوي ته بي گناھ کي قتل ڪرڻ وارو ڪتي جي موت مرندو ته اها گار نه بلڪه اها هڪ بددعا آهي. ان بددعا کي نفرت انگيز قرار ڏيڻ جي بجاءِ ان تي ٿيندڙ ظلم کي ظلم سمجهڻ ۽ ان کي انصاف ڏيڻ جي ضرورت آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته دنيا ۾ فوج هجي يا پيرا ملٽري فورس هجي، پر فوج يا پيرا ملٽري فورس جي قانون ۾ اهو ڪٿي لکيل آهي ته اهي ڪنهن به سياسي جماعت جي جلسي يا ريلي جي باري ۾ تبصرو ڪن،ڪائي سياسي جماعت سوڳ جي اپيل ڪري ته پيرا ملٽري فورس دڪاندارن تي دٻاءُ وجهي ڪري زبردستي دڪانون کولرائي  ۽ پوءِ سياسي جماعتن وانگر اهي بيان ڏيئي ته فلاڻي پارٽي جي هڙتال ناڪام ٿي وئي آهي. اهو انهن جو ڪم نه آهي. انهن فرمايو ته مان ته هر موقعي تي فوج ۽ رينجر جي حمايت ڪئي آهي. فوج جي آپريشن ضرب عضب جي حمايت ۾ هڪ ملين جي ريلي ڪڍي. ريلي ۾ پاڻ بيهي ڪري مان فوج ۽ رينجر کي سلوٽ پيش ڪيو ۽ لکين ماڻهن کان به سلوٽ پيش ڪرايو. ان جماعت ۽ ان جي اڳواڻ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان جي زبان تي تالا لڳائڻ ڇا درست ۽ جائز آهي؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته موجوده حڪومت جي وزير دفاع خواجه آصف آئي ايس آئي جي ٻن سابق سربراهن جو نالو وٺي ڪري چيو ته انهن عمران خان جي ڌرڻي جا انتظام ڪرايا هئا. انهن ڌرڻي جي لاءِ فنڊ فراهم ڪرايا. سابق گورنر مصطفٰي کر چيو ته اهي ڀارتي ٽينڪن تي ويهي ڪري ايندا. پر انهن جي خلاف تي ڪابه ڪاروائي نه ڪئي وئي. جڏهن پرويز مشرف جي دور ۾ ميان نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو ته انهن جي پٽ ڀارتي وزير اعظم آئي جي گجرال کي خط لکي ڪري درخواست ڪئي ته منهنجي والد کي آزاد ڪرائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي وڃي. پر ڪنهن به انهن کي غدار نه چيو. جڏهن اسان اهو چئون ٿا ته فلاڻي ڪم ڪرڻ سان پاڪستان ڪمزور ٿيندو، ان جي ڪري اهو ڪم نه ڪيو وڃي ته اسان تي ملڪ دشمني جا الزام لڳايا وڃن ٿا. پر جن ماڻهن کلي عام پاڪ فوج جي جنرلن جي خلاف توهين وارا لفظ چيا، انهن کي ته اڄ تائين ڪجھ به نه چيو ويو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته ڪجھ تعصب پرست اينڪر پرسن ۽ سياسي تجزيه نگار ٽي وين ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم جي يوم سوڳ ۽ ريلي جي باري ۾ تبصرو ڪندا رهن ٿا ته پهرين ايم ڪيو ايم شهر بند ڪرائي ڇڏيندي هئي پر هاڻي يوم سوڳ ناڪام ٿي ويو. ايم ڪيو ايم جو گراف ڪري رهيو آهي. ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بڻجي ويا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ريلي ۾ گهڻڻ ماڻهن شرڪت نه ڪئي. مان انهن کان پچڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم ۾ گروپ بڻجي رهيا آهن ۽ ان جو گراف ڪري رهيو آهي ۽ يوم سوڳ ناڪام ٿي ويو آهي ته الطاف حسين کي پريشاني ٿيڻ گهرجي .پر اوهان ڇو پريشان آهيو؟ گذريل پوين ڏينهن ۾ ڪي پي ڪي ۾ دير جي علائقي ۾ ننڍي چونڊ ٿي. جنهن ۾ پي پي جي اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي. ان چونڊ ۾ جماعت اسلامي ، ن ليگ، تحريڪ انصاف ۽ جهادي تنظيمن کي شڪست ٿي پر ڪنهن به اينڪر پرسن يا تجزيه نگار کي ان تي تبصرو ڪرڻ جي توفيق نه ٿي ته جماعت اسلامي جي عوامي مقبوليت گهٽجي وئي آهي. اهڙي طرح سابق صدر زرداري فوجي جنرلن کي للڪاريندي چيو ته توهان کي ڪهڙي خبر ته جنگ ڪيئن وڙهي ويندي آهي. اسان جنگ وڙهڻ ڄاڻيون ٿا. جيڪڏهن اسان سان جنگ ڪئي وئي ته اسان اوهان کي برباد ڪري ڇڏينداسين. پر انهن جي خلاف به ڪوئي به مقدمو قائم نه ٿيو ۽ نه ڪنهن انهن کي ڪو غداري جو سرٽيفيڪيٽ ڏنو. جناب الطاف حسين واضع لفظن ۾ چيو ته اسان نه ملڪ جا دشمن هئاسين ۽ نه آهيون. اسان بانيان پاڪستان جون اولادون آهيون. اسان جي پاڪ فوج ۽ رينجر سان محبت آهي پر اسان صرف اهو چئون ٿا ته ڪنهن تي به ظلم نه ڪريو ۽ انصاف ڪريو. ڇو ته الله تعالٰي انصاف ڪرڻ وارن کي پسند ڪري ٿو. جناب الطاف حسين ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين جو ذڪر ڪندي فرمايو ته ان اداري جي ذريعي شهيدن جي پونئرن، غريبن، بيوائن ۽ مستحق شاگردن جي مدد ڪئي وڃي ٿي. ان اداري جون 200 کان وڌيڪ ايمبولينسون، ڪيتريون ئي ميت بسون، موبائيل اسپتال، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل سينٽر، بلڊ بينڪ ۽ چئني شهرن ۾ سرد خانا هلي رهيا آهن. ان اداري جي ذريعي سيلاب زدگان، زلزلي ۽ ڏڪار سٽيل خاندانن جي بغير ڪنهن فرق جي اربين روپين جي مدد ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن کي امدادي سامان ڏنو وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته رمضان شريف ۾ مختلف جماعتون ۽ جهادي تنظيمون کلي عام زڪوٰت ۽ فطرو گڏ ڪنديون رهيون  پر انهن جي ماڻهن کي ته ڪنهن به گرفتار نه ڪيو. انهن فرمايو ته هن ڀيري  ڪي ڪي ايف تي قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي پئي وڃي ۽ رينجر جي طرفان چيو پيو وڃي ته قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ نه ڏنيون وينديون. انهن حق پرست عوام کي چيو ته اهي قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ جا محفوظ طريقا سوچين ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت قرباني جي جانورن جون کلون ڪي ڪي ايف جي مرڪز تائين پهچائين. انهن فرمايو ته صرف اردو ڳالهائڻ وارا مهاجر ئي نه بلڪه ڪراچي ۾ وسندڙ پنجابي، پختون، سنڌي، بلوچ، پنجابي . سرائيڪي، هزاري وال، ڪشميري ، هزاري وال، گلگتي ۽ بلتستاني به ايندڙ مڪاني اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم جي اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائي اهو ثابت ڪري ڇڏيندا ته ڪراچي ۾ رهڻ وارا ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان هڪ آهن. انهن رابطا ڪميٽي جي ميمبرن کي هدايت فرمائي ته اهي هر سيڪٽر جو دورو ڪن،  رابطا ڪميٽي ۽ اليڪشن سيل جا ذميوار آئنده مڪاني اليڪشن ۾ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪنهن جي به حمايت ڪرڻ جي بجاءِ ميرٽ جي بيناد تي ايماندار، باڪردار ۽ باصلاحيت اميدوارن جي چونڊ ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان اسٽيبلشمينٽ کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان فوج ۽ رينجر جا دشمن نه آهيون ۽ نه اسان ڪنهن سان وڙهڻ چاهيون ٿا. جيڪڏهن اوهان هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي گرفتار ڪندو ۽ ٻئي طرف ڏوهاري ماڻهن کي لانڍي، ڪورنگي  ۽ لياري ۾ آڻي ڪري ويهاريندو ته ان سان اوهان دنيا جي اکين ۾ ته ڌوڙ وجهي سگهو ٿا ته پر الله تعالٰي کي ڌوڪو ڏيئي نه ٿا سگهو.انهن رينجر جي آفيسرن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا جي واسطي اسان سان دشمني ختم ڪريو. جيڪڏهن اسان سان ڪائي ناراضگي آهي ته اسان کي ٻڌايو ، توهان اسان جي لاءِ غير نه بلڪه اسان جا پنهنجا آهيو.ان موقعي تي پنڊال ۾ ايم ڪيو ايم ڪورنگي جي اسير ڪارڪن فهد عزيز جي ڇهن مهينن جي نياڻي کي ڏسي ڪري جناب الطاف حسين ڊي  جي رينجر کي اپيل ڪئي ته خداجي واسطي ان معصوم نياڻي تي رحم کائو ۽ ان جي پيءُ کي آزاد ڪري ڇڏيو.جناب الطاف حسين اجتماع جي شرڪاء جي طرفان پنهنجي 62 هين سالگره جي مبارڪباد تي انهن جو شڪريو ادا ڪندي حق پرست شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ سرڪاري عقوبت خانن ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻجڻ وارن اسير ڪارڪنن کي به سلام تحسين پيش ڪيو. انهن دعا ڪئي ته الله تعالٰي تمام شهيدن جا درجات بلند فرمائي.لاپتا ساٿي جيڪڏهن زنده آهن ته انهن کي حفاظت سان پنهنجن گهرن ۾ پهچائي ۽ جيڪڏهن خدانخواسته اهي شهيدڪيا ويا آهن ته انهن جي قبرن جو پتو ڏيئي ڇڏي ته جيئن اسان انهن جي قبرن تي وڃي ڪري ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه خواني ڪري سگهون. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڏنو ته اهي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي پنهنجي ڀرپور توجه رکن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جي ڪجھ رهنمائن جي باري ۾ اهي افواهون ڦيلايون ويون ته اهي ايم ڪيو ايم کي ڇڏي ڪري هليا وياآهن پر اهي اڄ به هتي موجود آهن ۽ ايم ڪيو ايم جو حصو آهن. انهن پنهنجي سالگره جي موقعي تي اعلان ڪيو ته نظم و ضبط جي معمولي خلاف ورزي تي جن ڪارڪنن کي معطل ڪيو ويو آهي اهي نائن زيرو تي رابطو ڪن، هڪ ڪميٽي انهن جي معاملن جو جائزو وٺندي ۽ جيڪڏهن انهن جي غلطي قابل معافي هوندي ته اهي ايم ڪيو ايم ۾ واپس اچي ويندا ۽ جن ڪارڪنن کي تحريڪ کان ناجائز خارج ڪيو ويو آهي. اهي به نظم و ضبط جي دائري ۾ رهندي مرڪز سان رابطو ڪن. جيڪڏهن انهن سان به ناجائز ٿيو آهي ته انهن کي به تحريڪ ۾ واپس وٺي سگهجي ٿو.انهن رابطا ڪميٽي، مستعفي نمائندن، حق پرست بزرگن، عورتن ۽ نوجوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته نائن زيرو تي بار بار ڇاپا هنيا ويا پر انهن نائن زيرو کي بند ٿيڻ نه ڏنو. جنهن تي مان هڪ هڪ ڪارڪن کي دل جي گهرائين سان شاباش پيش ڪريان ٿو. جناب الطاف حسين بزرگن ۽ عورتن کي اپيل ڪئي ته اهي وڌ کان وڌ کان تعداد ۾ ايم ڪيو ايم جي سيڪٽر ۽ يونٽ آفيسن ۾ وقت ڏين ۽ حق پرستي جي پيغام کي عام ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪن.
*****

7/17/2024 1:24:46 PM