Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم نارٿ ڪراچي جي سيڪٽر ميمبر مظهر، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 سي جي ڪارڪنن محمد تاج ۽ لياقت ۽ ايم ڪيو ايم شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن محمد راشد کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪرڻ تي رابطا ڪميٽي جي طرفان سخت مذمت جو اظهار.

 Posted on: 9/17/2015

ڪراچي: 17 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پوليس، رينجر ۽ ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن جي طرفان نارٿ ڪراچي، اورنگي ٽائون ۽ شاھ فيصل سيڪٽر جي ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته گذريل رات رينجر اهلڪارن ايم ڪيو ايم نارٿ ڪراچي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر مظهر، اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118  سي جي ڪارڪنن محمد تاج  ۽ لياقت، شاھ فيصل سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪن محمد راشد کي انهن جي گهرن کان گرفتار ڪري ورتو. رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ۽ فرقي پرست تنظيمن جا دهشت گردن سرگرم آهن پر انهن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي بجاءِ ابتڙ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جا اهلڪار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ئي گرفتار ڪري رهيا آهن جيڪو هڪ وڏو ظلم ۽  سراسر ناانصافي آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ، ڪورڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجر ڪراچي کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين  جو فوري طور تي نوٽس وٺن ۽ ڪراچي ٽارگيٽڊ آپريشن جو رخ ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙي ڪري ان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو ختم ڪرائين. 
*****

7/17/2024 1:42:55 PM