ملتان وهاڙي چوڪ ڌماڪي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن: 13 سيپٽمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين وهاڙي چوڪ ملتان ۾ بم ڌماڪي تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين ڌماڪي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين زخمين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****