Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪري شهر مذهبي انتها پسندن جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪري شهر مذهبي انتها پسندن جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 9/13/2015
ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪري شهر مذهبي انتها پسندن جي حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
جيستائين اسير، لاپتا ۽ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪنن کي انصاف نه ملندو ته اسان احتجاج ڪندا رهنداسين. سيد شاهد پاشا.
جناب الطاف حسين هڪ سوچ آهي جيڪا پاڪستان جي خوشحالي جي واحد اميد آهي. زرين مجيد.
ڪراچي آپريشن ۾ سموري رياستي مشينري استعمال ڪري مهاجرن کي ڌٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. وسيم اختر.
 ڪراچي ۾ ريلي جي لکين شرڪاء کي خطاب.
ڪراچي: 13 سيپٽمبر 2015 
ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجن ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن، ڏاڍ جي زور تي گمشدگين ۽ ڪارڪنن جي ٽارگيٽ ڪلنگ  جي خلاف هر دروازو  کڙڪايو ته رياستي ادارا آئين ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائي رهيا آهن. انهن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي سياسي طاقت کي ڪمزور ڪري ڪراچي کي طالبان، داعش ۽ مذهبي انتها پسندن جي حوالي ڪرڻ ۽ ڪراچي وارن کي مڪاني اليڪشن کان ٻاهر ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي ۾ لکين ماڻهن جي ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪمزور ڪرڻ ۽ طالبان ۽ داعش جي حمايتن کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ڪراچي ۾ سويلين مارشلا نافذ ڪيو ويو آهي. پر ڪراچي جا ماڻهو ڪراچي کي دهشت گردن جي حوالي ڪرڻ جون سازشون ناڪام بڻائي ڇڏيندا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ جهنگ جي قانون کي رڌ ڪري ٿي ۽ ان جهنگ جي قانون کي هلڻ نه ڏيندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي فلاحي سرگرمين کي آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪندي ڇنيو ويو آهي. پر ڪراچي جا ماڻهو جناب الطاف حسين سان محبت ڪن ٿا ۽ اڄ به انهن جي نظريي سان جڙيل آهن.انهن ميڊيا کي تفصيلات ٻڌائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي 50 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو آهي، 150 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ لاپتا ڪيو ويو آهي ۽ انهن کي ڪنهن به عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.4000 هزار ڪارڪنن کي بغير ڪنهن جواز جي گرفتار ڪيو ويو آهي. پر اسان جي ڪارڪنن ڪنهن به ڇاپي يا گرفتاري جي وقت مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن اسان جا ڪارڪن ڏوهاري هجن ها ته اهي ڇا خوشي سان گرفتاريون ڏين ها. انهن چيو ته ملڪ جي عدالتن کي مفلوج بڻايو ويو آهي ۽ اسان جي زيرحراست ڪارڪنن کي وحشياڻي تشدد کان پوءِ قتل ڪري ۽ ڪوڙو مقابلو ڏيکاري ڪري انهن جي لاشن کي رڻ پٽن ۾ اڇلايو پيو وڃي. سيف هائوسز جي اصطلاح بي بنياد ۽ ايم ڪيو ايم جي پرامن چهري کي ميٽڻ جي ڪوشش آهي. انهن چيو ته ڪالھ اسان يوم سوڳ ملهايو ته ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن يوم سوڳ ملهائڻ واري عوام کي خوف زده ڪيو ۽ اڄ ريلي جي ڪوريج کان روڪڻ جي لاءِ به ميڊيا کي ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي ويب ٽي کي به بند ڪيو ويو آهي. پر ايم ڪيو ايم ان سموري ظلم جي باوجود ملڪ جي مضبوطي جي لاءِ پنهنجي جدوجڪهد جاري رکندي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه ميڊيا وارن جو ساٿ ڏنو آهي پر اڄ ايم ڪيو ايم سان ٿيندڙ ناانصافين تي ميڊيا وارا ڌمڪين کان خوف زده ٿي ويا آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم 92 کان وٺي ڪري اڄ تائين ڪنهن به آپريشن ۾ ڪنهن به ايجنسي سان مقابلو نه ڪيو.ان جي ڪري اسان آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي رينجر جي ڪجھ تعصب پرست اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن تي ڪوڙن مقابلن جي الزامن جو نوٽس وٺن ۽ ان جي تحقيقات ڪرائين. انهن ريلي ۾ قرارداد به پيش ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتلن کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. ماورائي عدالت قتل ٿيل ڪارڪنن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. لاپتا ڪيل ڪارڪنن کي بازياب ڪرايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ انٽرويوز جي اشاعت تي عائد پابنديون ختم ڪيون وڃن ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي ۽ فلاحي سرگرمين تي غير اعلانيه پابنديون به ختم ڪيون وڃن ۽ ڪراچي آپريشن جو قبلو درست ڪري اصل دهشت گردن جو خاتمو ڪيو وڃي. قرارداد جي اختتام تي شرڪاء پنهنجا هٿ مٿي کڻي ڪري ان جي تائيد ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار قائد اعظم جي مزار ڏانهن منھ ڪري قائد اعظم کي سلوٽ به پيش ڪيو. انهن آخر ۾ رت رنگ لائيندو نئون صوبو ٺهندو. جو نعرو به هنيو. ان موقعي تي متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر سيد شاهد پاشا چيو ته ظالم قوتون ٽي وي تي اچي ڪري دعوٰي ڪن ٿيون ته هاڻي ايم ڪيو ايم سان عوام گڏ نه آهي پر اڄ جو اجتماع انهن ماڻهن جي منھ تي چماٽ آهي. انهن چيو ته جيستائين ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ اسير ، لاپتا ۽ ماورائي عدالت قتل ڪيل ڪارڪن کي انصاف نه ٿو ملي ته ان وقت تائين اسان احتجاج ڪندارهنداسين. اسان جي ڪارڪنن تي وحشياڻو تشدد ڪري ۽ انهن کي جعلي مقابلن ۾ شهيد ڪري قوم سان ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي.انهن چيو ته ڪراچي جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اسان ننگا ۽ بکيا نه آهيون بلڪه اسان پاڪستان ٺاهڻ وارن جون اولادون آهيون. انهن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان اهو ناانصافين جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته سڄي ملڪ جا مظلوم ماڻهو پنهنجو حق حڪمرانن کان ڇني وٺندا. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي ميمبر محترمه زرين مجيد چيو ته اڄ ڪراچي جا مظلوم عوام مزار قائد جي سامهون قائد اعظم کان سوال ڪن ٿا ته ڇا انهن جي وڏن پاڪستان جي لاءِ قربانيون ان جي ڪري ڏنيون هيون ته انهن جي اولادن سان ناانصافيون ڪيون وينديون؟ ان موقعي تي وسيم اختر خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي ڪنهن به مهذب معاشري ۾ ماورائي عدالت قتلن کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي، سڄي دنيا ۾ ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ جي لاءِ عدالتن جو سهارو ورتو وڃي ٿو پر ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به عدالت مان انصاف نه مليو آهي. جنهن جي ڪري اڄ لکين ماڻهو هتي روڊن تي نڪتا آهن.انهن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف وٽ اسان  جي ڪارڪنن کي انصاف فراهم ڪرڻ جي  لاءِ اختيار نه آهن ،انهن وزير اعظم سميت سمورين اختيار رکندڙ ڌرين کي چيو ته ايم ڪيو ايم ملڪ سان محبت ڪرڻ واري جماعت آهي اسان جي ڪارڪنن سان ناانصافيون بند ڪرايون وڃن پر اسان جي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو ويو. ان جي ڪري ايم ڪيو ايم اڄ عوام جي عدالتن ۾ پنهنجو مقدمو کڻي آئي آهي ۽ عوام اسان جي حق ۾ فيصلو ڏيئي ڇڏيو آهي. انهن اقوام متحده سميت ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ته اهي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڏاڍ جي زور تي لاپتا ڪرڻ ۽ ماورائي عدالتن قتلن جو نوٽس وٺن ۽ انهن واقعن جي تحقيقات ڪرائين ۽ اسان کي انصاف فراهم ڪن. 
*****

6/29/2024 9:15:37 AM