Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هنگامي اجلاس.


متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هنگامي اجلاس.
 Posted on: 9/13/2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو هنگامي اجلاس.
جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪوئي به ماڻهو فرقي واريت جي بنياد تي ڪنهن به واقعي ۾ ملوث پاتو ويو ته ان جو ڪوئي به دفاع نه ڪيو ويندو.
ايم ڪيو ايم مذهبي رواداري ۽ فرقي وارانه ڀائيچاري تي يقين رکي ٿي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 13 سيپٽمبر 2015 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو هڪ اجلاس ٿيو. سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي صدارت ۾ ٿيندڙ ان اجلاس ۾ مشاورت ۽ غور ڪرڻ کان پوءِ گذريل ٻن سالن ۾ فرقي وارانه قتلن ۽ حملن جي واقعن جي الزامن ۾ گرفتار ٿيلن جي لاءِ تحقيقاتي ڪميٽي تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اها تحقيقاتي ڪميٽي غير جانبداراڻه ماڻهن تي ٻڌل هوندي ۽ اها فرقي واريت جي الزامن ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن جي باري ۾ غير جانبداراڻه تحقيقات به ڪندي. ان ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم پنهنجو موقف پريس جي ذريعي عوام جي سامهون آڻيندي. اجلاس ۾ رابطا ڪميٽي ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل ڪوئي به ماڻهو فرقي واريت جي بنياد تي ڪنهن به واقعي ۾ ملوث پاتو ويو ته ايم ڪيو ايم اهڙي ماڻهو جو ڪوئي به دفاع نه ڪندي. رابطا ڪميٽي ان سلسلي ۾ ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندگي ڪرڻ وارن سمورن ذميوارن کي هدايت ڪئي ته اهي ٽي وين جي پروگرامن ۽ پنهنجين تقريرن ۾ فرقي وارانه ڀائيچاري جي فروغ جي لاءِ ڳالھ ڪن ۽ ٻڌل سڌل ڳالهين جي حوالي سان دڪانن ، هوٽلن ۽ چوڪن تي بحث مباحثو ڪرڻ کان پاسو ڪن. رابطا ڪميٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالھ کي ورجايو ته ايم ڪيو ايم ۾ سماج دشمن ۽ دهشت گرد ماڻهن جي لاءِ ذري برابر به گنجائش نه آهي ۽ سڄي دنيا جو باشعور طبقو ان ڳالھ کان چـڱي نموني واقف آهي ته ايم ڪيو ايم مذهبي ڀائيچاري ۽ فرقي وارانه هم آهنگي تي مڪمل يقين رکي ٿي ۽ هڪ ٻئي جي مذهبن، عقيدن ۽ مسلڪن جي احترام جو درس به ڏيندي رهي ٿي. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي سمورن فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي. 
****

6/29/2024 9:06:01 AM