Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اسان جي احتجاجي مارچ ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر.


ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اسان جي احتجاجي مارچ ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر.
 Posted on: 9/13/2015
ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اسان جي احتجاجي مارچ ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ وسيم اختر.
لياقت آباد نمبر 10 ۾ احتجاجي مارچ کان اڳ رابطا ڪميٽي سان گڏجي صحافين کي پريس بريفنگ.
ڪراچي: 13 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو آهي ته ڪجھ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي طرفان بس جي مالڪن کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي. انهن خيالن جو اظهار انهن لياقت آباد نمبر 10 ۾ پريس بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر شبير احمد قائم خاني، اسلم آفريدي، ريحانه نسرين ۽ ٻيا به موجود هئا. وسيم اختر چيو ته هن احتجاجي مارچ جو ڪارڻ اسان جي ڪارڪنن جو ماورائي عدالت قتل، لاپتا ڪارڪنن جي  بازيابي ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي قتلن جون وارداتون آهن،انهن چيو ته احتجاجي مارچ اسان جو آئيني ۽ قانوني حق آهي جنهن کي اسان کان ڪوئي به ڇني نه ٿو سگهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي احتجاج جي حوالي سان خبرون ميڊيا جي طرفان بليڪ آئوٽ ڪيو ويون آهن ۽ صرف قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون خبرون نشر ڪيون پيون وڃن، پر جڏهن ته ميڊيا سان جڏهن به ڪا ناانصافي ٿي ته ايم ڪيو ايم سڀني کان پهرين ان جي خلاف آواز بلند ڪئي، پر اڄ  جڏهن ايم ڪيو ايم تي وقت آيو آهي ته ميڊيا اسان کي بليڪ آئوٽ ڪري رهيو آهي. جيڪا وڏي افسوسناڪ ڳالھ آهي. انهن چيو ته قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جون ڪجھ طاقتون بسن جي اڏن تي وڃي رهيون آهن ۽ بسن جي مالڪن کي ڌمڪيون ڏيئي رهيون آهن ته جيئن ايم ڪيو ايم جي ريلي کي ناڪام بڻائي سگهجي. انهن قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي مخاطب ڪندي چيو ته  ايم ڪيو ايم هڪ جمهوريت پسند جماعت آهي ۽ اسان جي پرامن احتجاجي ريلي ۾ رڪاوٽون نه وڌيون وڃن. 
*****

6/29/2024 9:10:18 AM