Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جنرل راحيل شريف مهرباني ڪري 15 منٽن جو وقت ڪڍي ڪري مون سان ڳالھائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جنرل راحيل شريف مهرباني ڪري 15 منٽن جو وقت ڪڍي ڪري مون سان ڳالھائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 9/13/2015
جنرل راحيل شريف مهرباني ڪري 15 منٽن جو وقت ڪڍي ڪري مون سان ڳالھائين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
مان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو نه بلڪه پاڪستان کي بچائڻ جو فارمولو ڏيندس.
اسان تي ڀلي ڪيتريون ئي پابنديون ڇو نه لڳايون وڃن پر اسان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪائينداسين.
لال قلعه گرائونڊ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب.
لنڊن: 13 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي درخواست ڪئي آهي ته اوهان  مهرباني ڪري 15 منٽن جو وقت ڪڍي ڪري مون سان ڳالهايو، مان اوهان کي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو نه بلڪه پاڪستان کي بچائڻ جو فارمولو ڏيندس. اها ڳالھ انهن لال قلعه گرائونڊ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي جنرل ورڪرز اجلاس کي وڊيو لنڪ جي ذريعي خطاب ڪندي فرمائي. وڊيو لنڪ جي ذريعي جناب الطاف حسين کي ڏسندي ئي ڪارڪنن جناب الطاف حسين جو وڏي پرجوش انداز ۾ استقبال ڪيو ۽ گهڻي دير تائين جناب الطاف حسين جي حق ۾ نعرا هڻي ڪري پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار به ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين تحريڪ پاڪستان جي وڏن وڏن اڪابرن جو ذڪر ڪندي فرمايو ته تحريڪ پاڪستان ننڍي کنڊ جي مسلم اقليتي صوبن جي اڳواڻڻ هلائي ۽ پاڪستان انهن جي اڪابرن جي ڏينهن رات جي جدوجهد جي نتيجي ۾ ئي موجود ۾ آيو، پر تحريڪ آزادي ۽ تحريڪ پاڪستان جي وڏين وڏين هستين جا نالا تاريخ جي پنن مان اڄ غائب ڪيا ويا آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته قوم کي تاريخي حقيقتن کان آگاھ ڪيو وڃڻ گهرجي ۽ تاريخي حقيقتن کي ميٽڻ نه گهرجي ته جيئن ايندڙ نسلن کي صحيح تاريخ جي ڄاڻ ملي سگهي. انهن فرمايو ته ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ چيو وڃي ٿو ته الطاف حسين اهڙا جملا چيا جو جن کي ورجائي به نه ٿو سگهجي، پر جيڪڏهن مان ڪائي ڳالھ نصيحت خاطر يا الله سائين جو خوف ڏيارڻ جي خاطر ڪريان ٿو ته ان کي ڌمڪي تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪو بلڪل غلط آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي ٻڌڻ ۾ ڪوئي فرق اچي وڃي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوھ آهي؟ انهن گذريل ٻن ڏينهن جي دوران ايم ڪيو ايم جي 5 ڪارڪنن جي شهادت جو ذڪر ڪندي فرمايو ته 10 سيپٽمبر جي شام جو دهشت گردن گهر ۾ داخل ٿي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن آفتاب حسين کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جعلي مقابلي ۾ ايم ڪيو ايم جي 4 ڪارڪنن محمد عديل، زوهيب الله، ڪاشف خليل ۽ محمد شاهد کي به ماورائي عدالت قتل ڪيو ويو. جن کي 2015 جي اپريل ۽ مئي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. انهن فرمايو ته ماورائي عدالت قتلن تي ايم ڪيو ايم جي بيان تي رينجر جي طرفان چيو ويو ته ايم ڪيو ايم جو بيان ڪوڙو آهي. مان اهو نه ٿو چوان ته رينجر وارا ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن ۽ نه مان اهو چئي رهيو آهيان ته مان سو سيڪڙو سچ ڳالهائي رهيو آهيان. ان حوالي سان تحقيقات جاري آهي ۽ اهو عدالت ۾ ثابت ٿي ويندو، ان جي ڪري ان تي مان ڪجھ به چوڻ مناسب نه ٿو سمجهان. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان 25 سالن کان لنڊن ۾ جلاوطني جي زندگي گذاري رهيو آهيان. 19 جون 1992 تي جڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ڪيو ويو ته چيو ويو هو ته ايم ڪيو ايم وٽ هڪ لک ڪلاشنڪوفون آهن ۽ ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ جي لاءِ اهو آپريشن ڪيو پيو وڃي. ان آپريشن جي آغاز کان اڳ ئي اهو ڪوڙ ڳالهائي ڪري ورغلايو ويو ته اهو آپريشن 72 وڏين مڇين جي خلاف ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم جي مرڪزي ڪميٽي جا اڳواڻ به انهن ڳالهين ۾ اچي ويا پر هڪ الطاف حسين هو جيڪو انهن ڳالهين ۾ نه آيو ۽ مان واضع طور تي چئي ڇڏيو هو ته 72 وڏين مڇين جي خلاف اهو آپريشن فقط هڪ ڊرامو آهي. انهن بااثر وڏين مڇين تي هٿ وجهڻ جي ڪوئي به جرت نه ڪندو ۽ اهو آپريشن صرف ۽ صرف ايم ڪيو ايم جي خلاف ئي ٿيندو. انهن وڌيڪ فرمايو ته مان گذريل ڏينهن پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کي چيو هو ته جيڪڏهن انهن ۾ همت آهي ته اهي قومي اسيمبلي ۾ انهن 72 وڏين مڇين جي فهرست ٻيهر پيش ڪن. انهن شرڪاء کان پچيو ته ڇا چوڌري نثار اها فهرست قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي؟ جنهن تي شرڪاء جواب ڏنو ته نه. انهن فرمايو ته 19 جون 1992 جي آپريشن ۾ حقيقي جي دهشت گردن  کي فوجي ٽرڪن ۾ ويهاري ڪري آندو ويو ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي حقيقي جي دهشت گردن جو قبضو ڪرايو ويو. جنهن تي مان سمورن ساٿين کي هدايت ڪئي هئي ته ڪوئي به حقيقي جي دهشت گردن جو سامنو نه ڪري ۽ جنهن کي جتي به جڳھ ملي اهو اتي روپوش ٿي وڃي.  انهن وڌيڪ فرمايو ته ايم ڪيو ايم تي هڪ لک ڪلاشنڪوفن جو الزام لڳايو ويو پر جنهن وٽ هڪ لک ڪلاشنڪوفون هجن ها ته ڇا اهو روپوشي جو درس ڏيئي ها؟ انهن سينيئر ڪارڪنن کي چيو ته اوهان قسم کڻي ڪري ٻڌايو ته 92 جي آپريشن کان وٺي ڪري 1999  نواز شريف جي ٻئي حڪومت جي خاتمي تائين ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڪنهن هڪ به هنڌ فوج سان ٽڪراءُ ڪيو؟ جنهن تي سينيئر ڪارڪنن جواب ڏنو ته بلڪل به نه. جناب الطاف حسين سوال ڪيو ته آپريشن جي دوران ٻه ڀيرا منهنجي گهر نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو، ٻين آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا پر ڪنهن هڪ به جڳھ تي پوليس يا رينجر سان اسان جي ڪارڪنن جو ڪوئي به مقابلو نه ٿيو، پر جڏهن ته پوليس ۽ رينجر لياري، اتحاد ٽائون، منگهو پير ۽ سهراب ڳوٺ جي علائقن ۾ جڏهن به پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڪاروائي جي لاءِ وئي ته انهن جو انهن پابندي وڌل تنظيمن سان مقابلو ٿيو. انهن سوال ڪيو ته اڄ ڪراچي ۾ 21 هزار مدرسا آهن. انهن کي ڪنهن قائم ڪيو ۽ انهن مدرسن ۽ پابندي وڌل تنظيمن جي سپورٽ ڪير ڪندو رهيو؟ 

پيپلز امن ڪميٽي ڪنهن ٺاهي؟ انهن آرمي چيف جنرل راحيل شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اوهان مهرباني ڪري 15 منٽن جو وقت ڪڍي ڪري مون سان ڳالھايو. مان اوهان کي پاڪستان بچائڻ جو فارمولو ڏيندس. جيڪڏهن اوهان کي پاڪستان کي بچائڻو ۽ مضبوط ڪرڻو آهي ته 5 ڪروڙ مهاجرن کي ڀت سان لڳائڻ جي بجاءِ انهن سان ڳالھ ڪريو. انهن جي شڪايتن جو ازالو ڪريو ۽ انهن کي انهن جا حق ڏيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف آپريشن شروع ٿيو ۽ نائن زيرو تي ڇاپو هنيو ويو ته پي پي جا ڪجھ اڳواڻ خوش ٿي ڪري ان جي حمايت ڪري رهيا هئا ۽ ان کي درست قرار ڏيئي رهيا هئا پر اڄ جڏهن ڳالھ انهن جي دروازي تائين پهتي آهي ته هاڻي انهن کي تڪليف ٿي رهي آهي. ڪالھ آپريشن کي درست چوڻ وارا اڄ ڪٿي غائب ٿي ويا آهن؟ جناب الطاف حسين پيمرا جي طرفان انهن جي خطابن، بيانن ۽ انٽرويوز کي ٽي وين تي نشر ڪرڻ ۽ اخبارن ۾ شايع ڪرڻ تي پابندي عائد ڪرڻ جي ڪوششن تي تنقيد ڪندي فرمايو ته مان نه ته ملڪ جي سلامتي جي خلاف ڪائي ڳالھ ڪئي آهي ۽ نه ئي فوج کي ڌمڪيون ڏنيون آهن پر مون تي ڪوڙا الزام لڳائي ڪري پابنديون هنيون ويون آهن. انهن فرمايو ته منهنجو صرف اهو ئي چوڻ آهي ته جهڙي طرح منهنجي ساٿين کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ انهن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مون تي الزام لڳائڻ وارن جي مٽن مائٽن سان به خدانخواسته ائين ئي ٿئي ته پوءِ انهن تي ڇا گذرندي؟ انهن فرمايو ته ملڪ ۾ قانون جو ٻٺو معيار آهي. ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ان جي فلاحي سرگرمين تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. ڪي ڪي ايف تي عطيات ۽ قرباني جون کلون گڏ ڪرڻ تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي. پر جڏهن جو ٻين جماعتن ايستائين جو پابندي وڌل تنظيمن کي به عطيات گڏ ڪرڻ جي مڪمل آزادي آهي، پر جيڪڏهن سڀئي پابنديون آهن ته بس صرف ايم ڪيو ايم جي لاءِ ئي آهن. انهن فرمايو ته اسان تي ڀلي ڪيتريون ئي پابنديون لڳايون وڃن پر اسان پنهنجو ڪنڌ نه جهڪائينداسين. 
*****

6/29/2024 9:45:13 AM