ٽي وي چينل سان لاڳاپيل سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: 9 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ٽي وي چينل جي سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي کي کليل دهشت گردي ۽ آزادي صحافت تي حملو قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين آفتاب عالم شهيد جي سمورن سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا سمورا ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي آفتاب عالم شهيد کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. ان کان علاوه جناب الطاف حسين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها آفتاب عالم شهيد جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪري ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏيئي.
*****