Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي فيصلي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي سخت مايوسي ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جا استعيفٰي ڏنل سينيٽر.


ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي فيصلي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي سخت مايوسي ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جا استعيفٰي ڏنل سينيٽر.
 Posted on: 9/9/2015 1
ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي فيصلي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي سخت مايوسي ٿي آهي. ايم ڪيو ايم جا استعيفٰي ڏنل سينيٽر.
ڪراچي: 9 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي استعيفيٰ ڏنل سينيٽرن لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي جي فيصلي کي مڪمل طور تي هڪ طرفو قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته جمهوري حڪومت جي دور ۾ آزادي جي اظهار کي ڇڻڻ جو عمل وڏو قابل مذمت آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جي فيصلي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن کي سخت مايوسي ٿي آهي ۽ ان فيصلي ڪارڪنن کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان ۾ مڊل ڪلاس جي واحد جماعت ايم ڪيو ايم جي خلاف سازشن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. انهن چيو ته عدالت ملڪ جو اهم ٿنڀو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ جي مضبوطي ۾ عدالتن جي فيصلن جي وڏي اهميت هوندي آهي. انهن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سالميت ۽ مضبوطي سان کيڏڻ وارين سياسي، مذهبي ۽ پابندي وڌل تنظيمن جون تقريرون شايع ڪرڻ تي ته ڪائي به پابندي نه آهي پر محب وطن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي ته پابندي عائد ڪئي وئي آهي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. انهن انساني حقن جي ملڪي ۽ عالمي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي آزادي جي اظهار تي پابندين جو فوري طور تي نوٽس وٺن.
*****

6/29/2024 8:57:33 AM