Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/9/2015 1
سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 9 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي دهشت گردن جي طرفان سينيئر صحافي آفتاب عالم جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ٻن سالن کان ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران صحافين، پوليس وارن ۽ سماجي رهنمائن سميت ڪيترن ئي اعلٰي شخصيتن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻايو ويو آهي. جڏهن ته ان دوران ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما رشيد گوڏيل تي فائرنگ ۽ سانحه صفورا جو افسوس ناڪ واقعو به پيش آيو آهي. پر قانون نافذ ڪرڻ وارا ادارا انهن سمورن هائي پروفائيل واقعن ۾ ملوث دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. رابطا ڪميٽي آفتاب عالم جي سمورن سوگوار پونئرن ۽ تمام صحافي برادري سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي آفتاب عالم جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن  کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائين. 
*****

6/29/2024 9:43:43 AM