سپريم ڪورٽ جي طرفان اردو زبان کي سرڪاري طور تي رائج ڪرڻ جي حڪمن جو خير مقدم ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 9 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي طرفان قومي زبان اردو کي سرڪاري طور تي رائج ڪرڻ جي حڪمن جو زبردست خير مقدم ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هونئن ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ڪري ئي اردو کي قومي زبان قرار ڏنو ويو هو پر 68 سال گذرڻ جي باوجود به اردو کي سرڪاري طور تي رائج نه ڪيو ويو هو ۽ اڄ تائين آفيسن ۾ سمورا ڪم انگريزي زبان ۾ ئي انجام ڏنا ويندا رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها ڳالھ تمام سٺي آهي ته سپريم ڪورٽ اردو کي سرڪاري طور تي رائج ڪرڻ جا واضع حڪم جاري ڪيا آهن جنهن تي سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس جسٽس جواد خواجه ۽ بينچ جا سمورا جج مبارڪباد جا مستحق آهن. رابطا ڪميٽي اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي انهن حڪمن تي عمل ڪندي اردو زبان کي سرڪاري طور تي رائج ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم به کڻندي.
*****