Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيو نيوز جي وين تي دهشت گردن جي فائرنگ سان سيٽيلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار.


جيو نيوز جي وين تي دهشت گردن جي فائرنگ سان سيٽيلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 9/9/2015 1
جيو نيوز جي وين تي دهشت گردن جي فائرنگ سان سيٽيلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي شهادت تي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن: 9 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي ۾ جيو نيوز جي ڊي ايس اين جي وين تي دهشت گردن جي فائرنگ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان واقعي ۾ جيو جي سيٽلائيٽ انجنيئر ارشد علي جعفري جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ گاڏي جي ڊرائيور محمد انيس جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ نديم نصرت چيو ته حڪومت جي طرفان لڳاتار اهي دعوٰي ڪيا پيا وڃن ته ڪراچي ۾ امن قائم ٿي ويو آهي. پر حالتون ٻڌائي رهيون آهن ته ڪراچي ۾ قتل و غارتگري ، دهشت گردي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون بدستور جاري آهن ۽ شهر ۾ سانحه صفورا جهڙي دهشت گردي ڪرڻ وارا دهشت گرد هاڻي به آزاد آهن جيڪي پوليس ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکڻ وارن شخصيتن کي چونڊي چونڊي قتل ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي جيو جي ٽيم کي به نشانو بڻايو ويو آهي. جيڪو حڪومت جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان آهي. نديم نصرت چيو ته ڪراچي ۾ حقيقي ۽ پائيدار امن جي لاءِ ضروري آهي ته آپريشن جي سمت کي درست ڪيو وڃي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيو جي گاڏي تي حملو ڪرڻ وارن دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. انهن ارشد علي جعفري جي شهادت جي واقعي تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان جيو نيوز جي سموري اسٽاف سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي ارشد علي جعفري جي پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ مرحوم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي. انهن زخمي ٿيندڙ ڊرائيور محمد انيس جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****

7/17/2024 11:17:11 AM