رابطا ڪميٽي قمر منصور کي تحريڪ جي سمورين ذميوارين کان هٽائي ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو اعلان.
قمر منصور جي خواهش جي مطابق انهن سان تحريڪي معاملن ۾ ڪوئي به رابطو نه رکيو وڃي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 9 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر قمر منصور جي موجوده جسماني ۽ ذهني صورتحال کي سامهون رکندي انهن کي تحريڪ جي سمورين ذميوارين کان هٽائي ڇڏيو آهي. اهو فيصلو رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي حراست مان رهائي کان پوءِ قمر منصور رابطا ڪميٽي سان ڳالھ ٻولھ جي دوران جن خدشن جو اظهار ڪيو آهي ان تي رابطا ڪميٽي گڏيل طور تي اهو فيصلو ڪيو آهي ته قمر منصور کي تحريڪ جي سمورين ذميوارين ۽ ڪارڪن جي ميمبر شپ جي ذميواري کان به هٽائي ڇڏجي. رابطا ڪميٽي تحريڪي ڪارڪنن کي به هدايت ڪئي آهي ته اهي قمر منصور جي خواهش جي مطابق انهن سان تحريڪي معاملن ۾ ڪوبه رابطو نه رکن. جيستائين انهن جي ذاتي يا خانداني مسئلن جو تعلق آهي ته قمر منصور ۽ انهن جي گهر وارن کي مڪمل اجازت آهي ته اهي نائن زيرو تي اچي ڪري پنهنجين تڪليفن ۽ پريشانين جو اظهار ڪري سگهن ٿا ته جيئن رابطا ڪميٽي انهن جي تڪليفن ۽ پريشانين جو فوري طور تي خاتمو ڪري سگهي.
*****