قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان قمر منصور جي رهائي جو خير مقدم.
لنڊن: 9 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين انساني همدردي جي بنياد تي رينجر جي حراست مان ايم ڪيو ايم جي سينيئر ميمبر قمر منصور جي رهائي جو خير مقدم ڪيو آهي ۽ رينجر جي اعلٰي آفيسرن جو ٿورو به مڃيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته قمر منصور ۽ انهن جي پوري خاندان جون تحريڪ جي لاءِ قربانيون تاريخ جو حصو بڻجي چڪيون آهن ۽ انهن جي قربانين کي ڪوئي به ختم ڪري نه ٿو سگهي. جنهن تي مان قمر منصور ۽ انهن جي سمورن گهر وارن کي زبردست مبارڪباد ۽ خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
*****