Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 9/10/2015
ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن جي سخت مذمت ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
وقت اچي ويو آهي ته هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جو هٿ ڳولڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي عادت کي تبديل ڪيو وڃي. نديم نصرت.
لنڊن: 10 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي وڌندڙ واقعن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن واقعن جي مذمت ڪندي انهن چيو ته اهي واقعا دهشت گردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ سواليه نشان آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته اها ڳالھ انتهائي افسوسناڪ آهي ته ڪراچي ۾ امن جي قيام جي لاءِ ڪيل ٽارگيٽڊ آپريشن جي دوران اهو مائنڊ سيٽ بڻايو ويو هو ته ڪراچي ۾ ٿيندڙ هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم ملوث آهي. انهي مائينڊ سيٽ جي تحت هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جو هٿ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايستائين جو سانحه صفورا جهڙن مذموم واقعن ۾ به ڪجھ عناصر ايم ڪيو ايم کي شڪ جي نظر سان ڏٺو هو پر وقت ثابت ڪيو ته ان واقعي ۾ مذهبي انتها پسند دهشت گردن جو ٽولو ملوث هو ۽ انهي ٽولي جي دهشت گردن بعد ۾ پوليس اهلڪارن کي به نشانو بڻايو ۽ اهي ئي دهشت گرد پنهنجن مذموم مقصدن جي حصول جي لاءِ شهر ۾ دهشت گردي جون ڪاروائيون ڪري امن تباھ ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. نديم نصرت چيو ته وقت اچي ويو آهي ته هر واقعي ۾ ايم ڪيو ايم جو هٿ ڳولڻ ۽ ايم ڪيو ايم کي ملوث ڪرڻ جي عادت کي تبديل ڪيو وڃي ۽ دهشت گردي جو ڪاروائيون ڪري  شهر جو امن تباھ ڪرڻ وارن اصل ڏوهارين جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ته جيئن ٽارگيٽڊ آپريشن ڪاميابي سان همڪنار ٿئي ۽ شهر ۾ حقيقي ۽ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. 
*****

6/29/2024 9:08:33 AM