Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪارنيول جو انعقاد.


اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪارنيول جو انعقاد.
 Posted on: 9/10/2015
اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪارنيول جو انعقاد.
ڪراچي آپريشن جيڪڏهن دهشت گردن ۽ ڏوهاري ماڻهن جي خلاف آهي ته ان ڳالھ جو جواب ڏنو وڃي ته ڇا ڏوهاري ماڻهو صرف ايم ڪيو ايم ۾ ئي آهن. قومي اسيمبلي جا مستعفي ميمبر ريحان هاشمي ۽ علي رضا عابدي.
ڪراچي: 10 سيپٽمبر 2015 
               اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪارنيول جو انعقاد ڪيو ويو. جنهن ۾ اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز صديقي، وائيس چيئرمين علي مصطفٰي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز صديقي چيو ته شاگردن جناب الطاف حسين سان پنهنجي والهانه محبت جو اظهار ڪندي انهن تصويرن جو اجراء ڪيو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته لاهور هائي ڪورٽ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جو فيصلو هڪ طرفو ڏنو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين واحد ليڊر آهن جن غريب ۽ وچولي طبقي جي حقن جي حصول جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي پر جناب الطاف حسين  جي ان جدوجهد کي ملڪ تي قابض جاگيردارن، وڏيرن ۽ سردارن  ڏوھ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان ڏوھ ۾ ئي ايم ڪيو ايم جي خلاف غير قانوني ۽ غير آئيني حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي مستعفي ميمبرن ريحان هاشمي ۽ علي رضا عابدي خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ جا واحد ليڊر آهن جن ڪراچي ۾ امن جي قيام جي لاءِ فوجي آپريشن جو مطالبو ڪيو هو پر ان آپريشن کي ايم ڪيو ايم ڏانهن موڙيو ويو ۽ ماضي جي تاريخ ورجائي ڪري ملڪ ۾ نفرتن جي هڪ ٻئي باب کي جنم ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن جيڪڏهن ڏوهاري ماڻهن ۽ دهشت گردن جي خلاف آهي ته ان ڳالھ جو جواب ڏنو وڃي ته ڇا صرف ڏوهاري ماڻهو ايم ڪيو ايم ۾ ئي آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي جدوجهد تمام تر سازشن ۽ ڪوڙن  پروفيگنڊن جي باوجود جاري رهندي ۽ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابنديون عائد ڪري جيڪڏهن اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عوام ۽ جناب الطاف حسين جي محبت ۽ عقيدت جي رشتي کي ختم ڪري سگهجي ٿو ته اهو سوچڻ وارن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.
*****

6/29/2024 9:04:50 AM