اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام نيپا چورنگي تي لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ڪراچي: 10 سيپٽمبر 2015
اي پي ايم ايس او جي زير اهتمام نيپا چورنگي تي لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز صديقي ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شرڪاء جناب الطاف حسين جي حق ۾ نعرا هنيا ۽ لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف زبردست نعري بازي به ڪئي. ان موقعي تي اي پي ايم ايس او جي چيئرمين سرفراز صديقي خطاب ڪندي چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن تي پابندي جو فيصلو آمرانه آهي ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ جمهوريت نالي ڪائي به شي نه آهي. انهن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ جو هڪ طرفو فيصلو اسان ڪنهن به طرح قبول نه ڪنداسين ڇو ته ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌو ئي نه ويو آهي.
*****