لاهور ۾ نيو نيوز چينل جي ٽيم تي فائرنگ ڪرڻ ۽ ڪيمرامين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي واقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي: 10 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪوريج ڪرڻ تي لاهور ۾ نيو نيوز چينل جي ٽيم تي فائرنگ ڪرڻ ۽ ڪيمرا مين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ جي واقعي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته نيو نيوز جي ٽيم تي فائرنگ ۽ ڪيمرامين کي تشدد جو نشانو بڻائڻ آزادي صحافت تي کليل حملو آهي ۽ صحافت جي معزز پيشي سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن سان ان قسم جو غير انساني سلوڪ مهذب معاشري تي بدنما داغ آهي. رابطا ڪميٽي تشدد سان زخمي ٿيندڙ نيو نيوز جي ڪيميرا مين سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي پنجاب ميان شهباز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي نيو نيوز جي ٽيم تي تشدد ڪرڻ ۾ ملوث ڏوهارين کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ صحافتي آزادي کي ڇڻڻ وارن عناصرن جي خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي وڃي.
*****