Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو متعصبانه ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. جنيد فهمي.


لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو متعصبانه ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. جنيد فهمي.
 Posted on: 9/8/2015 1
لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو متعصبانه ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. جنيد فهمي.
شڪاگو: 8 سيپٽمبر 2015 
             متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ بيانن تي پابندي هڻڻ جي لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو تعصب وارو ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي اهو يڪطرفه فيصلو ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين عدالتن سميت سمورن قومي ادارن جو هميشه احترام ڪيو آهي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به اهو ئي درس ڏنو آهي. پر افسوس جو ايم ڪيو ايم کي هڪ طرف ڌڪيو پيو وڃي جيڪو قومي يڪجهتي ۽ ملڪي مضبوطي جي لاءِ سٺو قدم نه آهي. انهن وڌيڪ چيو ته جن پاڪ فوج جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا انهن جي خلاف ته ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي پر جن پاڪ فوج جي لاءِ هڪ ملين جي ريلي ڪڍي ۽ پاڪ فوج کي سلوٽ پيش ڪيو انهن کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي ۽ انهن جي جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جيڪا سراسر ناانصافي ۽ تعصب تي ٻڌل ڳالھ آهي. *****متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جي طرفان لاهور جي هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ايم ڪيو ايم تي بيهوده الزام هڻڻ ۽ مهاجرن کي جانور چوڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم جي حامين ۽ ڪروڙين مهاجرن جي کليل توهين قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ وارن مهاجرن کي اڄ پاڪستان ۾ بدترين ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

7/17/2024 11:14:27 AM