Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جي طرفان مهاجرن سميت ايم ڪيو ايم جي ڪروڙين حامين کي جانور چوڻ انهن جي کليل توهين آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جي طرفان مهاجرن سميت ايم ڪيو ايم جي ڪروڙين حامين کي جانور چوڻ انهن جي کليل توهين آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 9/8/2015 1
وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جي طرفان مهاجرن سميت ايم ڪيو ايم جي ڪروڙين حامين کي جانور چوڻ انهن جي کليل توهين آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي: 8 سيپٽمبر2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ جي طرفان لاهور جي هڪ تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ايم ڪيو ايم تي بيهوده الزام هڻڻ ۽ مهاجرن کي جانور چوڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم جي حامين ۽ ڪروڙين مهاجرن جي کليل توهين قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ وارن مهاجرن کي اڄ پاڪستان ۾ بدترين ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هڪ طرف ته انهن کي بدترين رياستي ظلمن جو نشانو بڻايو پيو وڃي ته ٻئي طرف تعصب جي نشي ۾ انڌا سياستدان به انهن جي لڳاتار بي عزتي ڪري رهيا آهن. عمران خان مهاجرن کي زنده لاشون چئي ڪري انهن جي توهين ڪئي ، ذوالفقار مرزٰي مهاجرن کي بکيو ۽ ننگو چيو ، سليم ضياء انهن کي دانگي چيو ته ڪنهن انهن کي پناھ وٺندڙ چيو ته ڪنهن انهن کي تلير ۽ مڪڙ چيو. رابطا ڪميٽي عبدالقادر بلوچ جي بيان جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته ظلم ۽ ناانصافي پنهنجي انتها تي پهچي چڪو آهي، مهاجرن کي دهشت گرد قرار ڏيئي ڪري انهن کي نوڪرين مان ڪڍيو پيو وڃي، انهن جا ڪاروبار بند ڪيا پيا وڃن، انهن کي جيلن ۽ ٿاڻن ۾ ڀريو پيو وڃي ۽ انهن جي قائد جناب الطاف حسين جي خطابن، بيانن ۽ تصويرون چاپڻ تي به پابندي عائد ڪئي پئي وڃي ۽ اڄ عبدالقادر بلوچ مهاجرن کي جانور قرار ڏيئي ڪري انهن جي توهين ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي ان ڳالھ جي وضاحت ڪن ته ڇا عبدالقادر بلوچ جو بيان حڪومت جي پاليسي آهي ۽ جيڪڏهن انهن حڪومت جي پاليسي کان هٽي ڪري بيان ڏنو آهي ته وزير اعظم صاحب فوري طور تي انهن کان استعيفٰي طلب ڪن ۽ انهن کي چون ته اهي مهاجرن سميت ايم ڪيو ايم جي سمورن سپورٽرن کان غير مشروط طور تي معافي وٺن.
*****


7/17/2024 11:14:59 AM