Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائي ڪري پاڪستان کان آهستي آهستي جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي پئي وڃي. نديم نصرت


 اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائي ڪري پاڪستان کان آهستي آهستي جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي پئي وڃي. نديم نصرت
 Posted on: 9/8/2015 1
 اظهار جي آزادي تي پابنديون لڳائي ڪري پاڪستان کان آهستي آهستي جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي پئي وڃي. نديم نصرت
لنڊن: 8 سيپٽمبر 2015 
متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي هڻڻ جي فيصلي تي پنهنجي رڌ عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ اظهار جي آزادي تي طرح طرح جون پاپنديون هڻي ڪري ملڪ کان آهستي آهستي جمهوريت جي تڏا ويڙھ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين پاڪستان جي ٽئين وڏي جماعت جا باني ۽ قائد آهن جن کي ڪروڙين ماڻهو پنهنجو قائد ۽ رهبر تسليم ڪن ٿا ۽ تمام تر رياستي ظلمن جي باوجود اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ساٿ ڇڏڻ جي لاءِ تيار نه آهن. انهن چيو ته جڏهن اهي تمام تر ظلمن ۽ زهريلي پروفيگنڊن جي باوجود عوام سان جناب الطاف حسين جو رشتو ۽ تعلق ختم نه ڪري سگهيا ته پوءِ انهن کي عوام کان دور ڪرڻ جي لاءِ هاڻي انهن جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي ايستائين جو انهن جون تصويرون شايع ڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي. جيڪو سراسر غير آئيني ۽ غير منصفانه عمل آهي. انهن چيو ته اهو عجيب ۽ هڪ سنگين مذاق آهي جو جيڪي مذهبي انتها پسند دهشت گرد پاڪستان جي رياست ۽ ان جي آئين ۽ قانون کي ئي مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ جيڪي پاڪستان جي رياست سان جنگ ڪري رهيا آهن، جيڪي اقوام متحده کي به گهربل آهن پر انهن دهشت گردن ۽ مذهبي انتها پسندن کي ته پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ کلي عام جلسا ڪرڻ، مظاهرا ڪرڻ، تقريرون ڪرڻ ۽ هر طرح جي سرگرمين جي کليل آزادي آهي. پر قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جيڪي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو به مڪمل احترام ڪن ٿا. جيڪي پاڪستان کي دهشت گردي ۽ طالبانائزيشن کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ضرب عضب جي به هر طرح سان حمايت ڪري رهيا آهن انهن جي تقريرن ۽ بيانن تي ته پابندي عائد ڪئي وئي آهي جيڪو وڏو ظلم آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اهڙيون پاپنديون ته مارشلا جي دور ۾ به پاڪستان ۾ نه لڳايون ويون هيون. انهن انساني حقن ۽ شهري آزادي تي يقين رکڻ وارن سمورن سياسي رهنمائن، صحافين، دانشورن ۽ سول سوسائٽي کي چيو ته انهن کي به آمرانه پابندين جي خلاف آواز بلند ڪرڻ گهرجي. انهن انساني حقن جي ملڪي ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به انهن پابندين جو نوٽس وٺن. 

6/30/2024 7:30:41 AM