لاهور هائي ڪورٽ جو فيصلو متعصبانه ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. جنيد فهمي
شڪاگو: 8 سيپٽمبر 2015
متحده قومي موومينٽ آمريڪا جي سينٽرل آرگنائيزر جنيد فهمي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خطابن ۽ بيانن تي پابندي هڻڻ جي لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو تعصب وارو ۽ آمريت جي عڪاسي ڪري ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي اهو يڪطرفه فيصلو ڏنو ويو آهي. انهن چيو ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين عدالتن سميت سمورن قومي ادارن جو هميشه احترام ڪيو آهي ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي به اهو ئي درس ڏنو آهي. پر افسوس جو ايم ڪيو ايم کي هڪ طرف ڌڪيو پيو وڃي جيڪو قومي يڪجهتي ۽ ملڪي مضبوطي جي لاءِ سٺو قدم نه آهي. انهن وڌيڪ چيو ته جن پاڪ فوج جي خلاف گٿا لفظ استعمال ڪيا انهن جي خلاف ته ڪابه ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي پر جن پاڪ فوج جي لاءِ هڪ ملين جي ريلي ڪڍي ۽ پاڪ فوج کي سلوٽ پيش ڪيو انهن کي غدار قرار ڏنو پيو وڃي ۽ انهن جي جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. جيڪا سراسر ناانصافي ۽ تعصب تي ٻڌل ڳالھ آهي.