Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ جا شهري علائقا بنيادي حقن کان محروم آهن، لاهور هائي ڪورٽ جي يڪطرفه فيصلي سان اسان جي اندر احساس محرومي وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


سنڌ جا شهري علائقا بنيادي حقن کان محروم آهن، لاهور هائي ڪورٽ جي يڪطرفه فيصلي سان اسان جي اندر احساس محرومي وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 9/7/2015 1
سنڌ جا شهري علائقا بنيادي حقن کان محروم آهن، لاهور هائي ڪورٽ جي يڪطرفه فيصلي سان اسان جي اندر احساس محرومي وڌي رهيو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
ايم ڪيو ايم امن پسند ۽ محب وطن جماعت آهي اسان عدالتن ۽ قومي ادارن جو احترام ڪريون ٿا. خواجه اظهار الحسن
عوام جناب الطاف حسين سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي قيادت ۾ متحد آهن. محفوظ يار خان
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهري کي خطاب
ڪراچي: 7 سيپٽمبر 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ملڪ جي چوٿين وڏي سياسي جماعت جي قائد ۽ مظلوم عوام کي ظالمن کان نجات ڏياريندڙ قائد تي پابندي عائد ڪري جهوريت جي بنيادي اصولن کي نقصان پهچايو ويو آهي. لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي سان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ايم ڪيو ايم کي ان جو موقف بيان ڪرڻ جو آئيني ۽ قانوني حق ڏنو ئي نه ويو آهي ۽ اسان ايوانن کان استعيفٰائون ڏيئي ڪري صحيح فيصلو ڪيو آهي. جناب الطاف حسين جي خلاف ان قسم جا فيصلا  ماضي ۾ به آيا آهن پر انهن جي چاهڻ وارن هميشه انهن کي رڌ ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن جناب الطاف حسين سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب تي ٿيندڙ هڪ وڏي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ڊپٽي ڪنوينر شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي ميمبر محمد ڪمال، مطيع الرحمٰن، محترمه زرين مجيد، ريحانه نسرين ۽ ٻيا به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته لاهور هائي ڪورٽ مذڪوره ڪيس ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي ڪابينا، پنجاب حڪومت ۽ وزير داخلا کي ته نوٽس موڪليا پر ڪيس جي انتهائي اهم ڌر يعني ايم ڪيو ايم کي لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان ڪوئي به نوٽس نه موڪليو ويو. پنجاب جي ڪجھ تعصب پرست وڪيلن جناب الطاف حسين جي خلاف پٽيشن دائر ڪئي هئي پر ڌرين جي طرفان ڪنهن به موقف اچڻ کان اڳ ئي فيصلو  ٻڌائي ڪري اسان کي اظهار جي آزادي جي حق کان محروم ڪيو ويو آهي. انهن چيو ته پهرين ئي ڏکڻ سنڌ جا عوام آئين جي سمورين بنيادي حقن کان محروم آهن. ايم ڪيو ايم جي خلاف غير آئيني قدم کنيا پيا وڃن ۽ انصاف وارا فيصلا نه پيا ڪيا وڃن، پنجاب هائي ڪورٽ جي طرفان سنڌ جي سياست تي يڪطرفه فيصلن سان سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ احساس محرومي شدت اختيار ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين جي تصويرن جي اشاعت تي به پابندي لڳائي وئي آهي جيڪو پاڪستاني عدالتن جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو واحد فيصلو آهي، انهن چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه پي پي سان تعاون ڪيو، چيئرمين سينيٽ جي اليڪشن ۾ پي پي تي احسان ڪيو پر انهن وعدي خلافي ڪئي ۽ اسان کي ڌوڪو ڏنو. انهن چيو ته لاهور هائي ڪورٽ ايم ڪيو ايم جي آئيني ۽ قانوني ماهرن کي نوٽس موڪلي ڪري اسان جو به موقف ٻڌي ۽ انصاف جي تقاضن جي مطابق ڪيس جو فيصلو ڪري. ايم ڪيو ايم عوامي جذبن کي سهڻي انداز سان دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي. انهن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ اسان سان ٿيندڙ ناانصافين تي اسان جو موقف نه ٻڌو ويندو ته پوءِ اسان ڪنهن جو دروازو کڙڪائينداسين؟ انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن کي بازياب ڪرائڻ، ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ شهيد ٿيندڙ هزارين ڪارڪنن ۽ اسيرن کي انصاف فراهم ڪرائڻ به ملڪ جي اعلٰي عدالتن جو ڪم آهي. ان موقعي تي خواجه اظهار الحسن خطاب ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم هميشه عدالتن جو احترام ڪيو آهي. پر اڄ لاهور هائي ڪورٽ جي فيصلي سان جناب الطاف حسين جي ڪروڙين چاهڻ وارن جي دل آزاري ٿي آهي. انهن چيو ته اعلٰي ايوانن ۽ جلسن ۾ ڪيترائي ڀيرا سياسي ۽ مذهبي رهنمائن توهين عدالت ۽ ملڪ جي ادارن جي توهين ڪئي آهي پر ڪنهن جي خلاف به غداري جا مقدما قائم نه ڪيا ويا آهن. انهن چيو ته ڪروڙين ماڻهن جي دلين ۾ جناب الطاف حسين جو فلسفو رت بڻجي ڪري ڊوڙي رهيو آهي ان جي ڪري جناب الطاف حسين کي اسان جي دلين مان ڪنهن به صورت ۾ ڪڍي نه ٿو سگهجي. ان موقعي تي محفوظ يار خان سنڌ هائي ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس فيصل عرب کان مطالبو ڪندي چيو ته اهي ڪراچي جي دهشت گردي ٽوڙ عدالتن ۾ حاضر سروس ججن کي تعينات ڪن. لاپتا ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ قدم کڻڻ ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سان ٿيندڙ ناانصافين جو فوري طور تي خاتمو به ڪرائين. 

7/17/2024 10:53:08 AM