Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي جناب الطاف حسين جي تقريرن جي اشاعت تي پابندي تڪليف ڏيندڙ ۽ غير منصفانه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار


ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي جناب الطاف حسين جي تقريرن جي اشاعت تي پابندي تڪليف ڏيندڙ ۽ غير منصفانه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
 Posted on: 9/7/2015 1
ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ ئي جناب الطاف حسين جي تقريرن جي اشاعت تي پابندي تڪليف ڏيندڙ ۽ غير منصفانه آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار
لاهور هائي ڪورٽ جي معزز جج صاحبن کي جناب الطاف حسين جي تقريرن جي متعلق مس گائيڊ ڪيو ويو آهي.بيرسٽر فروغ نسيم
ڪراچي پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس
ڪراچي: 7 سيپٽمبر 2015 
             ايم ڪيو ايم جي سينيئر رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ايم ڪيو ايم لاهور هائي ڪورٽ جي طرفان جناب الطاف حسين جي تقريرن ۽ تصويرن کي شايع ڪرڻ تي عارضي پابندي کي انصاف جي تقاضن  جي بلڪل خلاف سمجهي ٿي. مذڪوره ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيڻ جي لاءِ ڪنهن به قسم جو نوٽس نه موڪليو ويو آهي ۽ اظهار رائي جي آزادي کي ڇنيو ويو آهي. جيڪا فطري تقاضن جي بلڪل خلاف آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو ميمبر سيد امين الحق ۽ معروف قانون دانَ بيرسٽر فروغ نسيم ۽ محفوظ يار خان به موجود هئا. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم لاهور هائي ڪورٽ جي معزز جج صاحبن جو احترام ڪري ٿي ۽ ايم ڪيو ايم جو موقف ٻڌڻ کان سواءِ فيصلو اچڻ سان ايم ڪيو ايم جي رهنمائن ، ڪارڪنن ۽ عوام کي وڏو دلي صدمو پهتو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم آئين جي آرٽيڪل 10 اي جي خلاف ڪيل فيصلي کي لاهور هائي ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ پئي وڃي. انهن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي وئي آهي ته ان جي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃڻ گهرجي. پر انصاف جي تقاضن کي به سامهون رکيو وڃي ڇو ته جناب الطاف حسين تي پابندي سان پاڪستان سميت سڄي سنڌ جي شهري علائقن جي عوام ۾ احساس محرومي شدت اختيار ڪري رهيو آهي. انهن چيو ته ڪروڙين ماڻهن جي دلين جي دڙڪن جناب الطاف حسين تي پابندي عوامي امنگن جي خلاف آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته ڪنهن به سياسي ليڊر جي تقريرن ۽ بيانن تي پابندي عائد ڪرڻ ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم واقعو آهي. ان کان پوءِ بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته آئين جي آرٽيڪل 17 جي مطابق ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مطابق  ڪورٽ ڪنهن به سياسي جماعت تي پابندي عائد نه ٿي ڪري سگهي. انهن چيو ته لاهور ڪورٽ جي فيصلي ۾ ٽيڪنيڪل طور تي خاميون آهن. جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ليڊر ۽ ڪارڪن لاهور هائي ڪورٽ جي عزت ڪري ٿو، لاهور هائي ڪورٽ جي معزز جج صاحبن کي جناب الطاف حسين جي تقريرن جي متعلق مس گائيڊ ڪيو ويو آهي. عدالت جي طرفان جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به قسم جو نوٽس جاري نه ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم لاهور هائي ڪورٽ جي معزز جج صاحبن جي سامهون حقيقتون رکندي ۽ سپيريم ڪورٽ ۾ ان فيصلي تي اپيل به داخل ڪئي ويندي. انهن صحافي برادري کي درخواست ڪئي ته اهي حساس نوعيت جي معاملي تي ڪنهن به قسم جا بيان شايع ڪرڻ ۾ احتياط کان ڪم وٺن. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته مائنس الطاف حسين جو ڪوئي به تصور نه آهي. ايم ڪيو ايم جو هڪ هڪ ڪارڪن ۽ رهنما جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ متحد آهي. 

7/17/2024 11:13:05 AM