ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جا وڪيل ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن جي متعلق انهن جي گهر وارن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي لاءِ موثر طريقو اختيار ڪن. صدر ليگل ايڊ ڪميٽي محفوظ يار خان.
ڪراچي : 6 سيپٽمبر 2015
ايم ڪيو ايم جي ليگل ايڊ ڪميٽي جي صدر محفوظ يار خان ليگل ايڊ ڪميٽي جي وڪيلن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي ايم ڪيو ايم جي اسير ڪارڪنن جي ڪيسن جي متعلق انهن جي گهر وارن کي موثر نموني سان ڄاڻ فراهم ڪن. انهن وڪيلن کي هدايت ڪئي ته اهي غير فعال وڪيلن سان رابطا ڪري انهن کي موجوده صورتحال جي باري ۾ آگاھ ڪن ۽ اسير ساٿين جي قانوني ۽ مالي مدد ۾ مضبوط ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ذهن سازي به ڪن. انهن ليگل ايڊ ڪميٽي جي 8 نون ذيلي ڪميٽين ٺاهڻ جو اعلان به ڪيو.
*****