Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ وارا ٻڌي وٺن اسان پنجاب جي مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين.شبير احمد قائم خاني.


ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ وارا ٻڌي وٺن اسان پنجاب جي مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين.شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 9/6/2015 1
ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ وارا ٻڌي وٺن اسان پنجاب جي مڪاني اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين.شبير احمد قائم خاني.
پنجاب هائوس لاهور ۾ جنرل ورڪرز اجلاس کي خطاب.
ان کان علاوه ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي ايڊ هاڪ ڪميٽي جو اعلان به ڪيو ويو.
لاهور: 6 سيپٽمبر 2015 
              ايم ڪيو ايم سينٽرل پنجاب جي زير اهتمام پنجاب هائوس لاهور ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني جي زير صدارت جنرل ورڪرز اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي تنظيمي ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج خالد محمود اعواڻ ۽ ميمبرن کان علاوه ٻين به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شبير احمد قائم خاني چيو ته گهڻي وقت کان ئي ايم ڪيو ايم کي ڌٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پر ايم ڪيو ايم پنهنجي ڀرپور طاقت سان گڏ اڄ به موجود آهي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ پاڪستان جي 98 سيڪڙو عوام جي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. انهن چيو ته جڏهن انهن مفاد پرستن جو ايم ڪيو ايم ۾ ڪم پوي ٿو ته اهي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي گهر نائن زيرو تي اچي ڪري حاضريون ڏين ٿا ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ اهي وري ايم ڪيو ايم جون برائيون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. ان کان پوءِ سينٽرل پنجاب جي ايڊ هاڪ ڪميٽي جي 16 رڪني ڪميٽي جو اعلان  ڪيو ويو. جن جا نالا هي آهن ميان راشد علي، ڪريم خان ثاقب، ڊاڪٽر ايم رحمٰن، خرم شهزاد راڻا، لعل حسين قريشي، ملڪ وسيم کوکر، ڪاشف خورشيد، حارث خان ڪاڪڙ، مرزٰي عمر عارف، افضال حسين، بي اي خان، سرفراز وٽو، جان محمد رمضان، ناصر گل، محمد فياض ۽ عابد شريف شامل آهن. 

6/30/2024 7:36:25 AM