Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

69 سالن کان پوءِ به ملڪ ۾ قومي زبان اردو جو نفاذ نه هجڻ ڳڻتي جي ڳالھ آهي . رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.


69 سالن کان پوءِ به ملڪ ۾ قومي زبان اردو جو نفاذ نه هجڻ ڳڻتي جي ڳالھ آهي . رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
 Posted on: 9/6/2015 1
69 سالن کان پوءِ به ملڪ ۾ قومي زبان اردو جو نفاذ نه هجڻ ڳڻتي جي ڳالھ آهي . رابطا ڪميٽي ميمبر شبير احمد قائم خاني.
لاهور جي الحمرا هال ۾ پاڪستان قومي زبان تحريڪ” جي طرفان منعقد ٿيندڙ سيمينار جي شرڪاء سان خيالن جو اظهار.
لاهور: 6 سيپٽمبر 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر شبير احمد قائم خاني لاهور جي الحمرا هال ۾ پاڪستان قومي زبان تحريڪ جي طرفان منعقد ٿيندڙ نفاذ اردو ۽ دفاع پاڪستان ڪانفرنس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته 69 سالن کان پوءِ به قومي زبان اردو جو نفاذ نه هجڻ وڏي ڳڻتي جي ڳالھ آهي. جڏهن ته اردو کي بطور قومي زبان نافذ ڪرڻ سان اردو ملڪ جي عوام کي هڪ قوم بڻائڻ جو موثر ترين ذريعو به ثابت ٿي سگهي ٿي. انهن چيو ته 1956 ۽ 1973 جي آئين ۾ واضع طور تي اردو کي قومي زبان بڻائڻ جي شق موجود آهي ۽ اردو کي قومي زبان قرار ڏنو ويو آهي. پر بدقسمتي سان اڄ تائين ان جي نفاذ جي لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم نه ڪيو ويو. اردو کي قومي زبان قرار ڏيئي ڪري صوبن جي وچ ۾ نفرتن کي ختم ڪري سگهجي ٿو. جنهن سان تعصب ۽ عصبيت به ختم ٿي ويندي. هتي اهو چوڻ به اهم آهي ته 1972 ۾ سنڌ ۾ لساني بل کي پيش ڪرڻ جي خلاف اردو پسند ماڻهن ان لساني بل جي جمهوري طريقي سان مخالفت ڪئي هئي. جنهن جي ڏوھ ۾ 8 جولائي 1972 تي رياستي اداري لساني بل جي مخالفت ڪرڻ وارن تي ڇتي فائرنگ ڪري انهن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. انهن چيو ته شهداء اردو جون يادگارون اڄ به ڪراچي جي علائقي لياقت آباد جي قبرستان ۾ موجود آهن. اردو زبان رائج ٿيڻ سان ملڪ ۾ تعليمي نصاب سان گڏو گڏ ٻيا اشو به برابري واري سطح تي نظر ايندا ۽ ايليٽ ڪلاس جي اجاره داري به ختم ٿي ويندي. شبير احمد قائم خاني وڌيڪ چيو ته اردو کي قومي زبان قرار ڏيڻ  پاڪستان جي ترقي ۽ سالميت جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. يوم دفاع پاڪستان جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي انهن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي اهو عهد ڪرڻو پوندو ته اسان ملڪ جي سالميت تي ڪوئي به تئو اچڻ نه ڏينداسين. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪيترائي ڀيرا اهو اعلان ڪري چڪا آهن ته جيڪڏهن خدانخواسته وطن عزيز تي ڪوئي به مشڪل وقت آيو ته ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺا هوندا. 
*****

7/17/2024 11:12:08 AM