Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار، مولانا فضل الرحمٰن ۽ سيد خورشيد شاھ ايم ڪيو ايم جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن کي استعيفائن جي معاملي تي ڳالهيون نه ڪرڻ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست به ڪئي.

 Posted on: 8/22/2015

ڪراچي: 22 آگسٽ 2015 
             وفاقي وزير خزانه اسحاق ڊار، جي يو آئي جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن ۽ اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاھ ايم ڪيو ايم جي رهنما ڊاڪٽر فاروق ستار سان فون تي رابطو ڪيو ۽ استعيفائن جي معماملي تي ڳالهيون نه ڪرڻ جي فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست ڪئي. اڄ منجنهد جو اسحاق ڊار ۽ مولانا فضل الرحمٰن ڊاڪٽر فاروق ستار سان الڳ الڳ رابطا ڪيا. ڊاڪٽر فاروق ستار گذريل ڏينهن وزير اعظم ميان نواز شريف جي طرفان اختيار ڪرڻ واري رويي تي ايم ڪيو ايم جي طرفان سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. جنهن تي اسحاق ڊار ۽ مولانا فضل الرحمٰن ڊاڪٽر فاروق ستار کي يقين ڏياريو ته حڪومت ايم ڪيو ايم جي جائز شڪايتن کي دور ڪندي ۽ انهن جو ازالو ڪندي. سيد خورشيد شاھ به ڊاڪٽر فاروق ستار سان ٻه ڀيرا فون تي رابطو ڪيو ۽ انهن کي استعيفائن  جي معاملي تي ڳالهين جو سلسلو بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽر فاروق ستار خورشيد شاھ سان ڳالھ ٻولھ ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف جي رويي تي تحفظات جو اظهار ڪيو ۽ انهن کي مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي معاملي تي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ جي رويي تي به سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. خورشيد شاھ ايم ڪيو ايم جي موقف کي درست قرار ڏيندي چيو ته جمهوري نظام جي لاءِ ڳالهين جي عمل جي ذريعي ئي شڪايتن کي سامهون رکڻ گهرجي. سيد خورشيد شاھ ان دوران وزير اعظم سان به رابطو ڪيو.
*****

11/22/2024 7:05:54 AM