متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي والده محترمه جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن: 22 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي والده محترمه وفات ڪري وئي. مرحومه ڪافي عرصي کان بيمار هئي. جنهن وقت انهن جي وفات جي خبر ملي ته ان وقت اقبال مقدم رابطا ڪميٽي جي اجلاس م شريڪ هئا. ان کان علاوه قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي والده محترمه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي جي گڏيل اجلاس ۾ به مرحومه جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو ۽ انهن جي مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي وئي. ان کان علاوه جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
*****