سنڌ ۾ ڊي لميٽيشن جي جيڪا ايڪسرسائيز ٿي آهي اها آئين ۽ قانون جي کليل خلاف ورزي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو آهي. بيرسٽر فروغ نسيم.
اليڪشن ڪميشن نه صرف پنهنجي ذميواري کان پوئتي هٽي آهي پر سنڌ حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ ڪيل غير قانوني ۽ غير آئيني عوام دشمن تڪ بندين کي اکيون بند ڪري تسليم به ڪري ورتو آهي.
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس.
ڪراچي: 22 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي سابق سينيٽر بيرسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ من پسند تڪ بنديون ڪري نه صرف آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي پر سنڌ جي عوام جي حقن تي ڌاڙو به هنيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻئي وڏي جماعت آهي جنهن سنڌ حڪومت جي ڊي لميٽيشن جي ايڪسرسائيز کي هائي ڪورٽ سميت هر فورم تي چيلنج ڪيو آهي. انهن چيو ته اسان جو مقصد ڪنهن سان وڙهڻ نه بلڪه پرامن طريقي سان سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۽ ان کي ان جو جائز حق ڏيارڻ آهي. ان حوالي سان الله سائين جي مدد اسان سان گڏ آهي ۽ اسان سڀ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين سان گڏ آهيون. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي سان گڏجي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. بيرسٽر فروغ نسيم چيو ته سنڌ ۾ ڊي لميٽيشن( تڪ بندين) جي سموري ايڪسر سائيز ڪرڻ بنيادي طور تي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي پر اليڪشن ڪميشن نه صرف پنهنجي ذميواري کان پوئتي هٽي آهي پر سنڌ حڪومت جي طرفان سنڌ ۾ ڪيل غير قانوني ۽ غير آئيني عوام دشمن تڪ بندين کي اکيون بند ڪري تسليم به ڪري ورتو آهي ۽ ان تي ڪنهن سوال اٿارڻ جي زحمت به نه ڪئي. سنڌ ۾ جيڪا ڊي لميٽيشن جي ايڪسرسائيز ٿي آهي اها آئين ۽ قانون جي خلاف ورزي ۽ عوام جي حق تي ڌاڙو آهي جنهن کي ايم ڪيو ايم چيلنج ڪيو آهي. انهن حيدرآباد جي مثال ڏيندي چيو ته حيدرآباد ۾ اهڙو ئي ڪيو ويو آهي ته اتي قاسم آباد کي حيدرآباد جا سمورا فائدا ڏنا ويا آهن، اهڙي طرح ٻهراڙي وارن علائقن کي شهري علائقن ۾ شامل ڪري جيري مينڊرنگ جو عمل ڪيو ويو آهي. جنهن جي هڪ مثال ڪراچي جي علائقن ڪورنگي ۽ ملير ۾ نظر اچي ٿي. انهن چيو ته آئين ۾ آهي ته لوڪل گورنمينٽ جي انسٽي ٽيوشن اهڙي هجڻ گهرجي جو ان وٽ عوام جي مسئلن جا سمورا اختيار هجن ۽ جيڪا هيٺين سطح تي انهن اختيارن کي استعمال ڪري عوام کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪري سگهي. انهن چيو ته 2008 کان پوءِ لوڪل گورنمينٽ انسٽي ٽيوشن ايڪٽ کي جهڙي طرح برباد ڪيو ويو آهي اهو سڀني جي سامهون آهي. سنڌ حڪومت ڊي لميٽيشن ۾ آبادي کي گهٽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن اهي سهولتون فراهم ئي نه ٿي سگهن جنهن جا اهي حقدار آهن . انهن چيو ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013 ۾ وڏيون غلطيون آهن ۽ انهن سمورن سببن جي بنياد تي ايم ڪيو ايم سنڌ هائي ڪورٽ ۾ ان جي خلاف پٽيشن دائر ڪئي آهي. جنهن جي ٻڌڻي جلد ٿيڻ واري آهي.
*****