ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي والده محترمه عزيزه بيگم کي محمد شاھ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
ڪراچي: 22 آگسٽ 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اقبال مقدم جي والده محترمه عزيزه بيگم کي محمد شاھ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ان کان اڳ مرحومه جي جنازي نماز مسجد شافعي ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينرن ڪهف الورٰي ۽ شاهد پاشا، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ، سابق اسيمبلي ميمبرن، شعبن جي ميمبرن ۽ ٻين کان علاوه ڪارڪنن ۽ مرحومه جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مرحومه جي مغفرت ۽ انهن جي بلند درجات جي لاءِ دعا به ڪئي وئي .