Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس
 Posted on: 8/22/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس
ايم ڪيو ايم جي استعيفائن، مولانا فضل الرحمٰن جي ثالثي ۾ ڳالهيون ۽ حڪومتي رويي جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو
اجلاس ۾ وزير اعظم ميان نواز شريف جي تڪبر ۽ ڌمڪي واري رويي جي به سخت مذمت
مولانا فضل الرحمٰن ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ ثالث جي حيثيت سان وڌيڪ تڪليف نه ڪن
اڄ کان ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي ٽنهي ايوانن کان مستعفي سمجهيو وڃي
ايم ڪيو ايم عارضي طور تي پارليماني سياست کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي سموري توجه الڳ صوبي جي قيام ۽ فلاحي ڪمن تي رکندي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي
ڪراچي؛ 22 آگسٽ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي سمورن شعبن جي ميمبرن به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن جي استعيفائن جي حوالي سان سينيئر سياسي رهنما مولانا فضل الرحمٰن جي ثالثي ۾ ڳالهين ۽ حڪومتي رويي جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن جي استعيفائن، حڪومت سان جاري ڳالهين ۽ الڳ صوبي جي لاءِ جدوجهد جي حوالي سان اهم فيصلا به ڪيا ويا. اجلاس جي شرڪاء وزير اعظم ميان نواز شريف جي ڪراچي آمد جي موقعي تي انهن جي تڪبر ۽ ڌمڪي واري رويي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت به ڪئي. اجلاس ۾ چيو ويو ته انتهائي معتبر صلح ڪار ۽ هڪ تمام وڏي سياسي شخصيت مولانا فضل الرحمٰن نائن زيرو تشريف آور ٿيا هئا ۽ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سان ملاقات ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته باقي ڳالهيون اسلام آباد ۾ ڪيون وينديون. پر وزير اعظم ڪراچي اچي ڪري تڪبر ۽ ڌمڪي وارو رويو اختيار ڪري نه ته مولانا فضل الرحمٰن جي ثالثي جي ڪردار جي قدر ڪئي ۽ نه ئي ڪراچي جي لکين ڏکايل ماڻهن ۽ تڙپندڙ خاندانن جي ڦٽن تي مرهم رکيو. وزير اعظم ميان نواز شريف ڌمڪي وارو لهجو اختيار ڪري ڪراچي جي مظلوم خاندانن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو آهي ان جي ڪري اسان وڏي ادب سان مولانا فضل الرحمٰن صاحب جي خدمت ۾ اهو عرض ڪري رهيا آهيون ته مصالحت ڪار جي حيثيت سان اسان انهن جي نيڪ ڪاوشن کي وڏي قدر جي نگاھ سان ڏسون ٿا پر جهڙي طرح وزير اعظم مولانا فضل الرحمٰن صاحب جي نيڪ ڪاوشن کي لتاڙيو آهي ۽ ڪراچي اچي ڪري هڪ جملو به چوڻ جي تڪليف گوارا نه ڪئي ته ڳالهين جي عمل ۾ مولانا فضل الرحمٰن ثالث جي حيثيت سان وچ ۾ موجود آهن ۽ ايم ڪيو ايم جي جائز شڪايتن يا تحفظات جو حڪومت سنجيدگي سان نوٽس وٺي ڪري ان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي . اجلاس ۾ چيو ويو ته اسان جي دلي خواهش آهي ته مولانا فضل الرحمٰن صاحب اسان جي بزرگ جي حيثيت سان جڏهن چاهين اسان سان رابطو ڪري سگهن ٿا پر اسان انهن سان انتهائي معذرت سان اپيل ڪريون ٿا ته اهي ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ صلح ڪار يا ثالث جي حيثيت سان وڌيڪ زحمت نه ڪن. اجلاس ۾ چيو ويو ته پوري پارٽي جو گڏيل فيصلو آهي ته ايم ڪيو ايم جي سينٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن احتجاجن پنهنجا استعيفٰي ڏيئي ڇڏيا آهن اهي حڪومت کي هر قيمت تي تسليم ڪرڻا پوندا ۽ ان پريس رليز کان پوءِ ايم ڪيو ايم جي چونڊيل نمائندن کي مستعفي سمجهيو وڃي.اجلاس ۾ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم عارضي طور تي پارليماني سياست کان الڳ ٿي ڪري پنهنجي سموري توجه صرف ۽ صرف الڳ صوبي جي قيام ۽ فلاحي سرگرمين تي مرڪوز رکندي ۽ ان جي لاءِ جدوجهد ڪندي رهندي.اجلاس ۾ سنڌ جي وزير اعلٰي سيد قائم علي شاھ جي ان رويي جي به سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي جنهن ۾ انهن وزير وزير اعظم ميان نواز شريف جي رويي کي ڏسي ڪري اهو چئي ڏنو ته مان ڪراچي آپريشن جو ڪپتان آهيان ۽ منهنجي موجودگي ۾ مانيٽرنگ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي ڪائي به ضرروت نه آهي. مان صرف اتي ڳالهائيندس جتي پي پي وارن کي رهڙ يا ذري برابر به نقصان پهچڻ جو خطرو هوندو ۽ اتي خوشي ۾ توتليون به وڄائيندس جتي ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن کي ظلم جو نشانو بڻايو ويندو.
            ان کان علاوه اجلاس ۾ چيو ويو ته عوام مايوس ٿي ڪري ان ڳالھ جو سنجيدگي سان  نوٽس ورتو آهي ته وزير اعظم ڪراچي تشريف آندي پر اهي پنهنجي ئي ايوان جي ميمبر رشيد گوڏيل جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ به اسپتال نه آيا. 

11/22/2024 6:51:13 AM