وزير اعظم پاڪستان ۽ سابق چيف جسٽس سميت ٻين اهم شخصيتن عبدالرشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي.
ڪراچي: 20 آگسٽ 2015
وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سابق چيف جسٽس آف پاڪستان افتخار محمد چوڌري عبدالرشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي. تفصيلات جي مطابق وزير اعظم رشيد گوڏيل جي لاءِ گلدستو به موڪلرايو، ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي رهنمائن اهو گلدستو وصول ڪيو ۽ وزير اعظم جو شڪريو ادا ڪيو، جڏهن ته سابق چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ايم ڪيو ايم رهنما کي ٽيليفون ڪري رشيد گوڏيل جي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي صحت يابي جي لاءِ دعا به ڪئي. ان کان علاوه پي ٽي آئي رهنما عمران اسماعيل ، پي پي سينيٽر سعيد غني ۽ ٻين رشيد گوڏيل جي اسپتال ۾ وڃي ڪري عيادت ڪئي. ان کان علاوه اينڪر پرسنن ۽ صحافين جن ۾ وسيم بادامي، عاصمه شيرازي، مهر عباس، فريد رئيس، بتول راجپوت، شهزاد اقبال ۽ ٻين به رشيد گوڏيل جي فون تي خيريت دريافت ڪئي ۽ انهن جي لاءِ دعا به ڪئي.
*****